زبور 77 - Sindhi Bible1 آءٌ بلند آواز سان خدا جي حضور فرياد ڪندس؛ يعني خدا جي حضور ۾ پڪاريندس، ۽ هو مون ڏانهن ڪن ڏيندو. 2 مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي. 3 آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي. 4 تون منهنجين اکين کي کليل ٿو رکين: آءٌ اهڙو منجهي پيو آهيان جو ڳالهائي نٿو سگهان. 5 مون گذريل ڏينهن ۽ قديم زماني جي سالن تي غور ڪيو آهي. 6 رات جو مون کي پنهنجو گيت ياد ٿو اچي: آءٌ پنهنجي دل ۾ خيال ٿو ڪريان؛ ۽ منهنجو روح چڱيءَ طرح غور ٿو ڪري. 7 خداوند مون کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ وري مون تي مهربان ڪين ٿيندو ڇا؟ 8 هن جو رحم هميشہ جي لاءِ هليو ويو آهي ڇا؟ هن جو قول اقرار هميشہ جي لاءِ باطل رهندو ڇا؟ 9 خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟ 10 پوءِ مون چيو تہ اها منهنجي ڪمزوري آهي؛ پر آءٌ تہ خدا تعاليٰ جي قدرت جا ڏينهن ياد ڪندس. 11 آءٌ خداوند جي ڪمن جو ذڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجا گذريل عجيب ڪم ياد ڪندس. 12 آءٌ تنهنجن سڀني ڪمن تي ڌيان ڪندس، ۽ تنهنجي عملن تي غور ڪندس. 13 اي خدا، تنهنجي واٽ پاڪ مڪان ۾ آهي: ڪهڙو معبود اسان جي خدا جهڙو عظيم آهي؟ 14 تون اهو خدا آهين جو عجيب ڪم ٿو ڪرين: تو قومن ۾ پنهنجي قدرت پڌري ڪئي آهي. 15 تو پنهنجي اُمت کي يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي. 16 اي خدا پاڻيءَ توکي ڏٺو؛ هائو پاڻي توکي ڏسي ڊڄي ويو: ۽ اونهو سمنڊ ڏڪڻ لڳو. 17 ڪڪرن مينهن وسايو، آسمان مان آواز آيو: تنهنجا تير بہ چئني پاسي ڇُٽا. 18 واچوڙي ۾ تنهنجي گجڻ جو آواز ٿيو؛ وڄ جهان کي روشن ڪيو: ڌرتي ڌٻي ۽ ڏڪي ويئي. 19 تنهنجي واٽ سمنڊ ۾ هئي، ۽ تنهنجو رستو وڏن پاڻين ۾ آهي، تنهنجي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نہ آيا. 20 تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society