زبور 76 - Sindhi Bible1 خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي. 2 سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي. 3 اتي هن ڪمان جا تير، ۽ ڍال، ۽ ترار، ۽ جنگ جو سامان ڀڃي ڇڏيو. 4 تون جلال وارو آهين، تون شڪار سان ڀريل جبلن کان وڌيڪ شان وارو آهين. 5 مضبوط دل وارن جو مال لٽجي ويو، هو غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهيا؛ ۽ زور وارن مان ڪنهن هڪڙي بہ هٿ نہ ڊگهيريو. 6 اي يعقوب جا خدا تنهنجيءَ ڇينڀ جي ڪري، جنگي گاڏي ۽ گهوڙو گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا. 7 رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو. 8 تو آسمان مان پنهنجي فتويٰ ڏني؛ تہ زمين ڊڄي ويئي، ۽ ماٺ ڪري بيٺي. 9 جڏهن خدا عدالت ڪرڻ اُٿيو، تہ زمين جي سڀني نماڻن کي بچائي. 10 بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين. 11 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ مڃتائون مڃي پوريون ڪريو: ۽ اوهين سڀيئي جي هن جي چوڌاري بيٺا آهيو، انهي جي لاءِ، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، نذرانا آڻيو. 12 هو سردارن جو ساهہ سڪائي ڇڏيندو: هو زمين جي بادشاهن لاءِ هيبتناڪ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society