Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 74 - Sindhi Bible

1 اي خدا تو اسان کي هميشہ جي لاءِ ڇو ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي چراگاهہ جي رڍن تي ڇو تنهنجي ڪاوڙ جو دونهون دکيو آهي؟

2 پنهنجيءَ جماعت کي ياد ڪر، جنهن کي تو قديم زماني کان خريد ڪيو آهي، جنهن کي تو ميراث جو قبيلو ٿيڻ لاءِ ڇڏايو آهي؛ ۽ صيون جبل کي ياد ڪر جنهن تي رهندو هئين.

3 تون انهن قديم ويرانين ڏانهن وِک کڻي ڏس، تہ تنهنجي پاڪ مڪان ۾ دشمن ڪيڏي نہ خرابي ڪئي آهي.

4 تنهنجن دشمنن تنهنجي جماعت جي وچ ۾ اچي هل مچايو؛ ۽ نشانن لاءِ پنهنجا جهنڊا کڙا ڪيا اٿن.

5 اُهي انهن ماڻهن وانگي پئي لڳا جي ٻيلي ۾ ڪهاڙن سان وڻن جون ٽاريون ٿا وڍن،

6 ۽ هاڻي اهي ڪهاڙين ۽ مترڪين سان انهيءَ جي ساري نقشڪاريءَ کي بہ ڀڃي پرزا پرزا پيا ڪن.

7 انهن تنهنجي پاڪ مڪان کي باهہ ڏني آهي؛ ۽ تنهنجي نالي جي جاءِ کي ڊاهي زمين تي پليت ڪيو اٿن.

8 ۽ انهن پنهنجي دل ۾ چيو تہ، اچو تہ هنن سڀني کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيون: انهن ملڪ ۾ خدا جي سڀني عبادتخانن کي ساڙي ڇڏيو آهي.

9 اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.

10 اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟

11 تو پنهنجي هٿ کي، هائو پنهنجي ساڄي هٿ کي ڇو روڪيو آهي؟ اهو پنهنجي بغل مان ڪڍي انهن کي فنا ڪر.

12 خدا قديم وقت کان وٺي منهنجو بادشاهہ آهي، جو زمين تي نجات ٿو ڏئي.

13 تو پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو، ۽ تو درياهہ ۾ واڳن جا مٿا ڀڃي ڇڏيا.

14 تو مانگر مڇ جي سسيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ تو اهو بيابان جي رهاڪن کي کاڌي لاءِ ڏنو.

15 تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.

16 ڏينهن تنهنجو آهي، ۽ رات بہ تنهنجي آهي: تو سج ۽ سوجهري کي تيار ڪيو آهي.

17 تو زمين جون سڀ حدون قائم ڪيون آهن: اونهارو ۽ سيارو تو ئي مقرر ڪيا آهن.

18 اي خداوند ياد ڪر تہ دشمن طعنا هنيا آهن، ۽ بيوقوف قوم تنهنجي نالي ڪفر بڪيو آهي.

19 پنهنجي ڳيري جي جان مرن جي حوالي نہ ڪر: ۽ پنهنجي غريبن جي حياتيءَ کي هميشہ جي لاءِ نہ وسار.

20 پنهنجي عهد جو خيال رک: ڇو جو جهان جون اونداهيون جايون ظلم سان ڀرپور آهن.

21 ائين نہ ٿئي تہ ڏکويل ڦڪا ٿي موٽي وڃن: ڀلي تہ غريب ۽ محتاج تنهنجي نالي جي تعريف ڪن.

22 اي خدا اُٿ، پاڻ پنهنجي وڪالت ڪر: ۽ ياد ڪر تہ بيوقوف ماڻهو ڪيئن نہ سڄو ڏينهن توکي طعنا ٿو هڻي.

23 پنهنجي دشمنن جو آواز نہ وسار: جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن جو گوڙ هر وقت جاري آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan