Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 73 - Sindhi Bible

1 بيشڪ خدا اسرائيل تي مهربان آهي. يعني انهن تي جيڪي پاڪ دل آهن.

2 پر منهنجا پير تہ ذري گهٽ ترڪي ويا هئا، ۽ آءٌ وِک کڻندي ئي ٿاٻو کائڻ تي هوس.

3 ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.

4 ڇو تہ انهن کي مرڻ مهل سور نہ آهي: ۽ انهن جو زور قائم ٿو رهي.

5 اهي ٻين ماڻهن وانگر مصيبت ۾ نٿا پون؛ نڪا ٻين ماڻهن وانگر مٿن آفت ٿي اچي.

6 تنهن ڪري هٺ سندن گلي جو هار ٿي پيو آهي؛ ۽ ظلم کي پنهنجي پوشاڪ ڪري پاتو اٿن.

7 انهن جون اکيون چرٻيءَ جي ڪري ٻاهر نڪتل آهن: سندن دل جا خيال حد کان ٻاهر ٿا نڪرن.

8 اهي ٺٺوليون ڪري ظلم جون ڳالهيون ٿا ڪن: ۽ ٻٽاڪون ٿا هڻن.

9 اُهي پنهنجو وات آسمان ڏانهن ڪري بيٺا آهن، ۽ سندن زبان زمين تي پيئي گهمي.

10 تنهن ڪري ماڻهو انهي پاسي ٿا ڦرن: ۽ پاڻيءَ جا پيالا ڀري ٿا پيئن.

11 اهي چون ٿا تہ خدا ڪيئن ٿو ڄاڻي؟ خدا تعاليٰ کي ڪو علم آهي ڇا؟

12 انهن بڇڙن کي ڏسو؛ اهي سدائين آرام ۾ ٿا رهن، ۽ خزانو پيا وڌائين.

13 سچ تہ مون اجايو پنهنجي دل کي صاف ڪيو آهي، ۽ پنهنجن هٿن کي پاڪ ڪيو آهي.

14 ڇالاءِ جو آءٌ سڄو ڏينهن آفتن ۾ ٿو گذاريان، ۽ روز صبح جو سيکت ٿي مليم.

15 جيڪڏهن آءٌ چوان ها تہ هيئن چوندس؛ تہ ڏس جيڪر تنهنجي نسل سان بيوفائي ڪريان ها.

16 جڏهن مون خيال ڪيو تہ ڪيئن هن ڳالهہ کي سمجهان، تڏهن اها مون لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي؛

17 جيسين ڪ آءٌ خدا جي پاڪ مڪان ۾ ويس، ۽ انهن جي آخر تي ويچار ڪيم.

18 سچ پچ تون انهن کي ترڪڻين جاين ۾ ٿو رکين: ۽ کين ڪيرائي برباد ٿو ڪرين.

19 اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.

20 جيئن ڪو ماڻهو جاڳي خواب کي ڀلجيو وڃي، تيئن جڏهن تون جاڳندين تڏهن انهن جي شڪل کي حقير ڄاڻيندين.

21 ڇو جو منهنجي دل کي ارمان ٿيو، ۽ منهنجي اندر ۾ ڄڻ تہ سئي چُڀي ويئي؛

22 آءٌ بي عقل ۽ نادان هوس؛ تنهنجي اڳيان حيوان جهڙو هوس.

23 تڏهن بہ آءٌ هميشہ تو سان ٿو رهان: تو منهنجو ساڄو هٿ جهليو آهي.

24 تون پنهنجيءَ صلاح سان منهنجي هدايت ڪندين، ۽ نيٺ مون کي جلال ۾ قبول ڪندين.

25 آسمان ۾ تو ڌاران منهنجو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ زمين تي توکان سواءِ مون کي ٻئي ڪنهن جي بہ خواهش ڪانهي.

26 منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي.

27 ڇالاءِ جو ڏس، جيڪي تو کان پري رهن ٿا سي فنا ٿي ويندا: ۽ جيڪي توکان ڦري بي وفا ٿيا آهن، تن کي تو برباد ڪيو آهي.

28 پر مون لاءِ اهو چڱو آهي تہ خدا کي ويجهو ٿيان: مون خداوند خدا کي پنهنجي پناهہ جي جاءِ ڪيو آهي، تہ تنهنجي سڀني ڪمن جو بيان ڪريان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan