Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 72 - Sindhi Bible

1 اي خدا بادشاهہ کي پنهنجي حڪم، ۽ شهزادي کي پنهنجي راستبازي عطا ڪر.

2 هو تنهنجيءَ اُمت جي راستبازيءَ سان، ۽ تنهنجي غريبن جي انصاف سان عدالت ڪندو.

3 تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي.

4 هو اُمت جي غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن جي ٻارن کي بچائيندو، ۽ ظالم کي وڍي ڇڏيندو.

5 جيسين سج ۽ چنڊ قائم رهندا، تيسين سڀني پيڙهين جا ماڻهو توکان ڊڄندا رهندا.

6 جيئن ڪپيل گاهہ تي برسات پوندي آهي، ۽ مينهن جي وسڪار زمين کي ڀڄائيندي آهي، تيئن هو نازل ٿيندو.

7 هن جي ڏينهن ۾ راستباز ماڻهو زور وٺندا؛ ۽ جيسين چنڊ قائم آهي تيسين پوري سلامتي هوندي.

8 ۽ هڪڙي سمنڊ کان ٻئي سمنڊ تائين، ۽ نديءَ کان زمين جي ڇيڙي تائين، هن جي حڪومت هلندي.

9 بيابان جا رهاڪو وٽس اچي سجدو ڪندا؛ ۽ سندس دشمن مٽي چٽيندا.

10 ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.

11 هائو سڀيئي بادشاهہ هن جي اڳيان سجدو ڪندا: ۽ سڀ قومون سندس خدمت ڪنديون.

12 ڇالاءِ تہ جڏهن محتاج ۽ غريب ۽ لاچار دانهون ڪندا، تڏهن هو کين ڇڏائيندو.

13 هو غريب ۽ محتاج تي ڪهل ڪندو، ۽ محتاجن جي جان بچائيندو.

14 هو انهن جي جان ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائيندو؛ انهن جو رت سندس نظر ۾ قيمتي ٿيندو:

15 هو جيئندا ۽ شيبا جو سون کيس ڏنو ويندو: ماڻهو هن کي سدائين دعائون ڪندا؛ ۽ سڄو ڏينهن کيس مبارڪ پيا چوندا.

16 ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا.

17 هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.

18 شل خداوند خدا، اسرائيل جو خدا، مبارڪ هجي، جو ئي عجيب ڪم ٿو ڪري.

19 هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.

20 هتي دائود ولد يسيءَ جون دعائون پوريون ٿيون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan