Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 71 - Sindhi Bible

1 اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي: مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.

2 پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري، مون کي ڇوٽڪارو ڏي، ۽ مون کي ڇڏاءِ: مون ڏانهن ڪن ڏي ۽ مون کي بچاءِ.

3 تون منهنجي رهڻ لاءِ قلعو ٿيءُ، جتي آءٌ هميشہ پيو اچان وڃان: تو منهنجي بچائڻ واسطي حڪم ڏنو آهي؛ ڇو جو تون منهنجو ٽڪر ۽ منهنجو قلعو آهين.

4 اي منهنجا خدا مون کي بدڪار ماڻهو جي هٿان، ۽ ناراست ۽ ظالم ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ.

5 ڇو جو اي خداوند خدا، تو ۾ منهنجي اُميد آهي؛ ننڍپڻ کان منهنجو توتي ئي ڀروسو آهي.

6 منهنجي ڄمڻ کان وٺي تو مونکي سنڀاليو آهي: تو مون کي منهنجيءَ ماءُ جي پيٽان ڪڍيو: آءٌ هميشہ تنهنجي تعريف ڪندس.

7 آءٌ گهڻن جي نظر ۾ حيرانيءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ پر تون منهنجي مضبوط پناهہ آهين.

8 منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجي تعريف، ۽ تنهنجي شان جي ڳالهين سان ڀرپور رهندو.

9 ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.

10 ڇالاءِ جو منهنجا دشمن مون بابت ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ جيڪي مون کي مارڻ جي انتظار ۾ آهن سي پاڻ ۾ صلاحون پيا ڪن.

11 اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.

12 اي خدا مون کان پري نہ ٿي: اي منهنجا خدا، منهنجي مدد لاءِ جلدي ڪر.

13 جيڪي منهنجيءَ جان جا دشمن آهن سي شرمندا ٿين، ۽ فنا ٿي وڃن؛ جيڪي منهنجا مٺگهرا آهن سي مهڻن ۽ بدناميءَ سان ڍڪجي وڃن.

14 پر آءٌ سدائين اُميد رکندس، ۽ توکي وڌيڪ ساراهيندو رهندس.

15 منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.

16 آءٌ خداوند خدا جي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندو رهندس: آءٌ رڳو تنهنجي راستبازيءَ جو ذڪر ڪندس.

17 اي خدا، منهنجي ننڍپڻ کان وٺي تو مونکي سيکاريو آهي؛ ۽ مون تنهنجن عجيب ڪمن جو اظهار ڪيو آهي.

18 جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.

19 اي خدا تنهنجي سچائي ڏاڍي بلند آهي؛ تو وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، اي خدا، تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟

20 تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.

21 تون منهنجي عظمت کي وڌاءِ، ۽ موٽي مون کي تسلي ڏي.

22 اي منهنجا خدا آءٌ ساز وڄائي تنهنجي سچائيءَ جي ساراهہ ڪندس: اي اسرائيل جا قدوس، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.

23 جنهن مهل آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس تنهن مهل منهنجا چپ ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ منهنجي جان جنهن کي تو ڇڏايو آهي سا بہ خوشي ڪندي.

24 منهنجي زبان بہ سڄو ڏينهن تنهنجي راستبازيءَ جو بيان ڪندي رهندي: ڇو تہ جيڪي منهنجا مٺگهرا هئا سي شرمندا ٿيا، ۽ منجهي پيا آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan