Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 70 - Sindhi Bible

1 اي خدا منهنجي ڇڏائڻ لاءِ سيگهہ ڪر؛ اي خدا منهنجي مدد ڪرڻ واسطي جلدي ڪر.

2 جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهن سي شرمندا ٿين، ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ خوش ٿا ٿين سي پٺ تي هٽن ۽ بدنام ٿين.

3 جيڪي اهو، اهو، ٿا ڪن، سي شرمندا ٿي پٺ تي هٽن.

4 جيڪي توکي ڳولين ٿا سي تو ۾ خوشي ڪن ۽ سرها ٿين؛ ۽ جيڪي تنهنجي نجات کي پسند ٿا ڪن سي هميشہ چوندا رهن تہ خدا جي تمجيد هجي.

5 پر آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان؛ اي خدا، جلد مون وٽ اچ: اي خداوند تون منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين؛ دير نہ ڪر.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan