Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 7 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، منهنجا خدا، منهنجو ڀروسو تو تي آهي: جيڪي منهنجي پٺيان پيا آهن تن سڀني کان مون کي بچاءِ ۽ ڇڏاءِ.

2 ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري.

3 اي خداوند، منهنجا خدا، جيڪڏهن مون هي ڪيو آهي؛ جيڪڏهن منهنجي هٿان ڪا بڇڙائي ٿي آهي؛

4 جيڪڏهن مون ڪنهن سان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڪئي آهي. (پر مون تہ پاڻ انهي کي بچايو آهي جو بي سبب منهنجو دشمن هو:)

5 تہ ڀلي دشمن منهنجيءَ جان جي پٺيان پوي، ۽ مون کي جهلي؛ هائو، ڀلي تہ هو منهنجيءَ حياتي کي لتاڙي ۽ منهنجي وڏائيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي.

6 اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.

7 تنهنجي چوڌاري ماڻهن جي جماعت گڏ ٿئي: ۽ تون انهن تان آسمان ۾ موٽي وڃ.

8 خداوند ماڻهن جي عدالت ٿو ڪري: اي خداوند، منهنجي راستبازيءَ ۽ منهنجي سچائيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر.

9 شل بڇڙن جي بڇڙائي بند ٿي وڃي، پر تون راستبازن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو سچو خدا دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهي.

10 منهنجي ڍال خدا وٽ آهي؛ هو دل جي سچارن کي بچائي ٿو.

11 خدا سچو منصف آهي؛ بلڪ اهڙو خدا جو هر روز غصي ٿو ٿئي.

12 جيڪڏهن ماڻهو نہ پڇتائيندو، تہ هو پنهنجي ترار تيز ڪندو؛ هن پنهنجي ڪمان چاڙهي تيار ڪئي آهي.

13 هن انهي جي لاءِ موت جا هٿيار بہ تيار ڪيا آهن؛ هو پنهنجن تيرن کي باهہ جهڙا ٿو بنائي.

14 ڏس، هن کي بدڪاريءَ جا سور ٿيا آهن؛ ۽ بڇڙائي پيٽ ۾ اٿس، ۽ ڪوڙ کي ٿو ڄڻي.

15 هن کڏ کوٽي اونهي ڪئي، پر جا کڏ هن کوٽي، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪري پيو.

16 هنن جي لچائي خود سندس مٿي تي اچي پوندي، ۽ هنن جو ظلم خود سندس ڪاپار تي ڪڙڪندو.

17 آءٌ تہ خداوند جي سچائيءَ موجب سندس ٿورا مڃيندس؛ ۽ خداوند تعاليٰ جي نالي جي تعريف پيو ڳائيندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan