Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 69 - Sindhi Bible

1 اي خدا مون کي بچاءِ؛ ڇو جو پاڻي منهنجيءَ جان تائين اچي پهتو آهي.

2 آءٌ اونهيءَ گپ ۾ گپندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي ڪا جاءِ ڪانهي: آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي اُٿل منهنجي مٿان لنگهيو ٿي وڃي.

3 آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.

4 جيڪي بنا سبب مون سان دشمن ٿا رکن سي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ گهڻا آهن: جيڪي ناحق مون سان دشمني ڪري مون کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرن سي زوراور آهن: انهي ڪري جيڪي مون کسيو ڪونہ هو، سو مون ڀري ڏنو.

5 اي خدا، منهنجي بي عقلي تون ڄاڻين ٿو؛ ۽ منهنجا گناهہ تو کان ڳجها نہ آهن.

6 اي خدا لشڪرن جا خدا جيڪي تو ۾ اُميد ٿا رکن، سي منهنجي ڪري شرمندا نہ ٿين: اي اسرائيل جا خدا، جيڪي تنهنجا طالب آهن سي منهنجي ڪري بدنام نہ ٿين.

7 ڇو جو تنهنجي خاطر مون طعنا سٺا آهن، ۽ منهنجو منهن شرم ۾ ٻڏي ويو آهي.

8 آءٌ پنهنجن ڀائرن وٽ ڌاريو، پنهنجيءَ ماءُ جي اولاد وٽ پرديسي ٿي پيو آهيان.

9 ڇالاءِ جو تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويئي آهي؛ ۽ تنهنجي گلا خورن جون گلائون مون تي اچي پيون آهن.

10 جڏهن مون روئي ۽ روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ لاءِ بہ مون کي مهڻا مليا.

11 جڏهن مون کٿو ڍڪيو تڏهن آءٌ انهن وٽ هڪڙو پهاڪو ٿيس.

12 جيڪي شهر جي دروازي تي ٿا ويهن سي منهنجون ئي ڳالهيون ٿا ڪن؛ ۽ نشئي مون تي راڳ ٿا ڳائين.

13 پر اي خدا تنهنجي رضامنديءَ جي وقت ۾ منهنجي دعا تو وٽ ايندي: اي خدا پنهنجي بيحد گهڻي رحم سان، پنهنجيءَ نجات جي سچائيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.

14 مون کي گپ ۾ ٻڏڻ نہ ڏي پر مون کي ڪڍي وٺ ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن تن کان مون کي ڇڏاءِ، ۽ اونهي پاڻيءَ مان مون کي ڪڍي وٺ.

15 پاڻيءَ جي اُٿل مون کي نہ ٻوڙي، نڪي اونهي پاڻيءَ ۾ آءٌ ٻڏي وڃان؛ ۽ قبر منهنجي مٿان پنهنجو منهن پوري نہ ڇڏي.

16 اي خداوند مون کي جواب ڏي، ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ چڱي آهي: تون پنهنجيءَ گهڻيءَ رحمت جي ڪري مون ڏانهن نظر ڪر.

17 ۽ پنهنجي ٻانهي کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ڇو تہ آءٌ مصيبت ۾ آهيان؛ جلد مون کي جواب ڏي.

18 منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.

19 توکي منهنجي مهڻي ۽ شرم ۽ بدناميءَ جي خبر آهي: منهنجا سڀيئي دشمن تنهنجي اڳيان آهن.

20 طعنن منهنجي دل ڀڃي ڇڏي آهي؛ آءٌ ڏاڍو غمگين ۽ ڏکي آهيان: مون پئي نهاريو تہ من ڪو مون تي ڪهل ڪري، پر ڪو ڪونہ هو؛ من ڪو مون کي دلاسو ڏي، پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو.

21 اُنهن مون کي کائڻ لاءِ پت ڏنو؛ ۽ منهنجي اُڃ لاهڻ لاءِ مون کي سرڪو پياريائون.

22 شل انهن جو دسترخانو انهن لاءِ ڦندو ٿئي؛ ۽ جڏهن اهي سلامتيءَ ۾ هجن تڏهن اها سندن لاءِ ڦندو ٿي پوي.

23 انهن جون اکيون انڌيون ٿي پون، تہ ڏسي نہ سگهن؛ ۽ سندن چيلهہ سدائين ڏڪندي رهي.

24 انهن تي پنهنجو غضب نازل ڪر، ۽ تنهنجي غصي جو جوش کين وڪوڙي وڃي.

25 انهن جي رهڻ جي جاءِ اُجاڙ ٿئي؛ ۽ سندن تنبو سڃا ٿي وڃن.

26 ڇالاءِ تہ جنهن کي تو ڌڪ هنيو آهي تنهن کي اهي ستائين ٿا، ۽ جنهن کي تو ڦٽيو آهي تنهن جي غم بابت ڳالهيون ٿا ڪن.

27 انهن جي خطا تي خطا چاڙهہ: ۽ کين پنهنجيءَ راستبازيءَ ۾ اچڻ نہ ڏي.

28 اُنهن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب مان مٽائي ڇڏ، اُهي راستبازن سان گڏ ليکيا نہ وڃن.

29 پر آءٌ غريب ۽ غمگين آهيان: اي خدا پنهنجيءَ نجات سان مون کي سربلند ڪر.

30 آءٌ خدا جي نالي جو گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان هن جي تمجيد ڪندس.

31 اهو خداوند کي ڍڳي ۽ ڏاند کان وڌيڪ پسند آهي، جنهن کي سڱ ۽ کُر ٿا ٿين.

32 نماڻا اهو ڏسي خوش ٿا ٿين: اوهين جي خدا جا طالب آهيو، اوهان جي دل جيئري رهي.

33 ڇو جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ پنهنجي قيدين سان نفرت نٿو رکي.

34 آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ جيڪي انهن ۾ گهمي ڦري ٿو، سي سڀ هن جي تعريف ڪن.

35 ڇو تہ خدا صيون کي بچائيندو؛ ۽ يهوداہ جا شهر جوڙيندو؛ ۽ اُهي اُتي رهندا ۽ قبضو ڪندا.

36 هن جي بندن جو اولاد بہ انهيءَ جو وارث ٿيندو؛ ۽ جيڪي هن جي نالي کي پيار ٿا ڪن سي اتي رهندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan