زبور 68 - Sindhi Bible1 ڀلي تہ خدا اُٿي، ۽ سندس دشمن ڇڙوڇڙ ٿين؛ ۽ جيڪي ساڻس نفرت ٿا رکن سي سندس اڳيان ڀڄي وڃن. 2 جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن. 3 پر راستباز ڀلي تہ خوشيون ڪن؛ ۽ خدا جي حضور ۾ سرها ٿين: هائو، اهي ڀلي تہ بيحد خوشيون ڪن. 4 خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، هن جي نالي جي تعريف ڳايو: جو رڻ پٽ مان سواري ڪري ٿو لنگهي تنهن لاءِ سڙڪ تيار ڪريو؛ هن جو نالو يهوواہ آهي؛ اوهين خدا جي حضور ۾ سرها ٿيو. 5 خدا پنهنجيءَ پاڪ جاءِ ۾ يتيمن جو پيءُ، ۽ بيوہ زالن جو منصف آهي. 6 خدا اڪيلن کي خاندانن وارو ٿو ڪري: هو قيدين کي ڇڏائي آسودو ٿو ڪري: پر فسادي سڪيءَ زمين ۾ ٿا رهن. 7 اي خدا جڏهن تون پنهنجيءَ اُمت جي اڳيان هئين، ۽ جڏهن تون بيابان مان لنگهئين؛ 8 تڏهن ڌرتي ڌٻي، ۽ آسمان خدا جي حضور ۾ وهي ويا: ۽ سينا جبل بہ خدا جي حضور ۾ ڏڪڻ لڳو. 9 اي خدا تو گهڻو مينهن موڪليو، ۽ تنهنجي ميراث جا سڪي ويئي آهي، تنهن کي تو تازگي بخشي. 10 تنهنجي جماعت انهيءَ ۾ اچي رهڻ لڳي: اي خدا تو پنهنجي مهر سان غريبن لاءِ انهيءَ کي تيار ڪيو آهي. 11 خداوند حڪم ڏئي ٿو: ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارين جي جماعت هڪڙي وڏي فوج ٿي ويئي. 12 لشڪرن جا بادشاهہ ڀڄي ويا، اهي جلد ڀڳا: ۽ جا زال گهر ۾ ويٺي هئي تنهن لٽ جو مال ورهايو. 13 جڏهن اوهين رڍن جي واڙي ۾ ليٽي آرام ڪندا، تڏهن ڪبوتر وانگي ٿيندا، جنهن جا پر چانديءَ وانگر، ۽ جنهن جا کنڀ پيلي سون وانگر ڍڪيل آهن. 14 جڏهن قادر مطلق، بادشاهن کي اُتان ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، تڏهن اهڙو حال ٿيو جو ڄڻ تہ سلمون جبل برف سان ڇانئجي ويو. 15 بسن جو جبل خدا جو جبل آهي؛ بسن جو جبل اُتانهون جبل آهي. 16 اوهين جي اتانهان جبل آهيو ۽ جنهن کي خدا پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو آهي، سي ٽيڏيءَ اک سان ڇو ٿا نهاريو؟ هائو، خداوند اُنهي ۾ هميشہ تائين رهندو. 17 خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي. 18 تون مٿي چڙهي ويو آهين، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي ويو آهين؛ توکي ماڻهن کان، بلڪ فسادين کان نذرانا مليا آهن؛ تہ خداوند خدا انهن منجهہ رهي. 19 خداوند مبارڪ هجي، جو هر روز اسان جو بار ٿو کڻي، اهو ئي اسان جي نجات جو خدا آهي. 20 خدا اسان جي لاءِ ڇوٽڪارو ڏيندڙ خدا آهي؛ ۽ موت کان بچڻ جا رستا بہ خداوند خدا جا آهن. 21 پر خداوند پنهنجي دشمنن جو مٿو ڀڃندو، ۽ جيڪو گناهہ ڪندو ٿو رهي تنهنجي وارن واري کوپراٽي چيري ڇڏيندو. 22 خداوند فرمايو تہ آءٌ انهن کي بسن مان وٺي ايندس، ۽ وري سمنڊ جي اونهائين مان ڪڍي ايندوسان. 23 تان تہ تون پنهنجو پير رت ۾ ٻوڙين، ۽ تنهنجا دشمن ڪتن جي لاءِ قوت ٿين. 24 اي خدا انهن تنهنجي آمد ڏٺي آهي. بلڪ انهن منهنجي خدا، منهنجي بادشاهہ کي پاڪ مڪان ۾ ويندو ڏٺو آهي. 25 اڳيان ڳائڻ وارا هئا، ۽ پٺيان وڄائڻ وارا هئا؛ ۽ وچ ۾ ڪنواريون هيون جن دف پئي وڄايا. 26 اوهين جماعت ۾ خدا کي مبارڪ چئو، اوهين جي اسرائيل جي چشمي جا آهيو، سي خداوند کي مبارڪ چئو. 27 اتي ننڍو بنيمين انهن جو حاڪم آهي، ۽ يهوداہ جا سردار پنهنجيءَ ٽوليءَ سان، ۽ زبولون جا سردار ۽ نفتاليءَ جا سردار آهن. 28 تنهنجي خدا حڪم ڏنو آهي تہ توکي مضبوطي ملي؛ اي خدا جيڪي تو اسان جي واسطي ڪيو آهي تنهن کي قائم ڪر. 29 تنهنجي هيڪل جا يروشلم ۾ آهي، تنهنجي ڪري بادشاهہ تو وٽ نذرانا آڻيندا. 30 تون سَرن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن کي ۽ سانن جي ٽوليءَ کي، ۽ اُمتن جي گابن کي ڌمڪايو، جي چانديءَ جي سڪن کي پائمال ٿا ڪن؛ جن قومن کي جنگ ڪرڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي، تن کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. 31 مصر مان سردار ايندا؛ ۽ حبش جا ماڻهو سگهو ئي پنهنجا هٿ خدا ڏانهن ڊگهيريندا. 32 اي زمين جون بادشاهتون خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو؛ ۽ خداوند جي تعريف ڳايو؛ 33 انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي. 34 اوهين خدا کي ئي تعظيم ڏيو، هن جي شوڪت اسرائيل ۾ آهي، ۽ سندس قدرت آسمانن ۾ آهي. 35 اي خدا تون پنهنجي پاڪ مڪانن ۾ هيبتناڪ آهين: اسرائيل جو خدا پنهنجي ماڻهن کي زور ۽ طاقت ٿو بخشي. شل خدا مبارڪ هجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society