زبور 66 - Sindhi Bible1 اي زمين جا سڀ رهاڪو، خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو. 2 هن جي نالي جي جلال جو گيت ڳايو: سندس تعريف جو جلال ظاهر ڪريو. 3 خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا. 4 سڄي ڌرتي توکي سجدو ڪندي، ۽ تنهنجي حضور ۾ ڳائيندي؛ اُهي تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندا. 5 اچو ۽ خدا جا ڪم ڏسو؛ بني آدم جي حق ۾ سندس ڪم هيبتناڪ آهن. 6 هن سمنڊ کي ڦيرائي سُڪي زمين ڪيو: اهي درياهہ مان پنڌ هليا ويا: هن جي ڪري اسان اتي خوشيون ڪيون. 7 هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمراني ٿو ڪري: هن جون اکيون قومن کي ڏسن ٿيون: فسادي پاڻ کي نہ پڏائين. 8 اي قومون، اسان جي خدا کي مبارڪ چئو، ۽ هن جي تعريف جو آواز ٻڌايو: 9 هو اسان جي جان کي جيئرو ٿو رکي، ۽ اسان جي پيرن کي ترڪڻ نٿو ڏئي. 10 ڇالاءِ جو اي خدا تو اسان کي آزمايو آهي: جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي. 11 تو اسان کي ڄار ۾ وڌو؛ تو اسان جي پٺيءَ تي ڳورو بار رکيو آهي. 12 تو سوارن کي اسان جي مٿي تان لنگهايو: اسين باهہ ۽ پاڻيءَ مان لنگهياسين؛ پر تو اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو. 13 آءٌ سوختني قربانيون کڻي تنهنجي گهر ايندس، ۽ تو وٽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس. 14 جي مصيبت جي وقت منهنجن چپن مان نڪتيون، ۽ مون پنهنجي وات سان مڃيون. 15 آءٌ تنهنجي حضور ۾ متارن جانورن جون سوختني قربانيون، گهٽن جي خوشبوءِ سان گڏي چاڙهيندس؛ آءٌ ڍڳا ۽ ٻڪر پيش ڪندس. 16 اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس. 17 مون پنهنجي وات سان هن کي پڪاريو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي تعريف ڪيم. 18 جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي هجي ها، تہ خداوند منهنجي ڪين ٻڌي ها: 19 پر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي؛ هن منهنجي دعا جي آواز تي ڪن ڏنو آهي. 20 مبارڪ هجي خدا جنهن منهنجي دعا رد نہ ڪئي آهي، نڪي پنهنجو رحم مون تان هٽايو اٿس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society