زبور 65 - Sindhi Bible1 اي خدا صيون ۾ تنهنجي تعريف جو انتظار آهي: ۽ تنهنجي مڃتا پوري ڪئي ويندي. 2 اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا. 3 گناهہ مون تي اچي غالب ٿيا آهن: پر تون اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيندين. 4 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين. 5 اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين. 6 تون پنهنجيءَ قدرت جو سندرو ٻڌي، پنهنجيءَ طاقت سان جبلن کي قائم ٿو رکين. 7 تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين. 8 زمين جي سرحدن جا رهاڪو تنهنجي معجزن کان ڊڄن ٿا: تون صبح ۽ شام جي نڪرڻ وارن هنڌن کي خوشي ٿو بخشين. 9 تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين. 10 تون زمين جي مٿانهين کي گهڻو ريج ٿو ڏين؛ ۽ انهيءَ جي هيٺانهين کي سنئون ٿو ڪرين: ۽ مينهن وسائي انهيءَ کي ڪونئرو ٿو ڪرين؛ ۽ انهيءَ جي پيداوار ۾ برڪت ٿو وجهي. 11 تون سڄي سال تي پنهنجيءَ مهربانيءَ جو ڇٽ ٿو رکين؛ ۽ تنهنجن واٽن ۾ سڻڀ ٿو وسي. 12 اُهو بيابان جي چراگاهن ۾ پيو ڪري: ۽ سڀ ڪنهن پاسي ٽڪريون خوشيون ٿيون ڪن. 13 چراگاهہ ڌڻن سان ڇانئجي ويا آهن؛ ۽ واديون اَن سان ڍڪجي ويون آهن؛ اهي خوشيءَ جو آواز ڪڍي ڳائين ٿيون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society