Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 64 - Sindhi Bible

1 اي خدا منهنجي فرياد جو آواز ٻڌ: دشمن جي ڊپ کان منهنجي جان بچاءِ.

2 بدڪارن جي ڳجهيءَ صلاح کان، ۽ خطاڪارن جي فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ:

3 جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن.

4 تہ ڪامل ماڻهوءَ کي لڪي تير هڻن، اهي اوچتا تير ٿا هڻن ۽ ڊڄن نٿا.

5 اهي بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي همتائين ٿا؛ ۽ ڳجهيءَ طرح ڦندي وجهڻ لاءِ منصوبو ٿا ڪن.

6 اهي بڇڙايون ڳولي ٿا ڪڍن؛ ۽ چون ٿا تہ اسان هڪڙي پڪي رٿ ڳولي آهي: انهن جا اندريان خيال ۽ دل ٻئي اونها آهن.

7 پر خدا انهن کي تير هڻندو؛ ۽ اهي اوچتو ڦٽجي پوندا.

8 اهي پنهنجي زبان جي ڪري پاڻ ڌڪو کائيندا: ۽ جيڪي کين ڏسندا سي سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا.

9 ۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا.

10 راستباز ماڻهو خداوند ۾ خوشيون ڪندا، ۽ مٿس ڀروسو رکندا؛ ۽ جيڪي دل جا سچار آهن سي سڀ فخر ڪندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan