زبور 63 - Sindhi Bible1 اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي. 2 اهڙي طرح مون پاڪ مڪان ۾ تو لاءِ نهاريو، تہ تنهنجي قدرت ۽ جلال ڏسان. 3 ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ حياتيءَ کان بہ چڱي آهي؛ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو. 4 انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس. 5 منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛ 6 جڏهن آءٌ پنهنجي هنڌ تي توکي ياد ڪندس، ۽ رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تنهنجو ڌيان ڪندس. 7 ڇالاءِ جو تون منهنجو مددگار رهيو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ خوشيون ڪندس. 8 منهنجي جان تنهنجي ئي ڌيان ۾ لڳل آهي: تنهنجو ساڄو هٿ مون کي سنڀالي ٿو. 9 پر جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا گهرن، سي قبر ۾ وڃي پوندا. 10 اهي ترار جي حوالي ٿيندا: ۽ لومڙن جو کاڄ ٿيندا. 11 پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society