زبور 60 - Sindhi Bible1 اي خدا تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، تو اسان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي؛ تون ناراض ٿيو آهين؛ تون وري اسان کي بحال ڪر. 2 تو زمين کي ڏڪائي ڇڏيو آهي؛ تو اُنهيءَ کي چيري ڇڏيو آهي: تون انهيءَ جون چيرون بند ڪر ڇو جو اُها لڏي ٿي. 3 تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي. 4 جيڪي توکان ڊڄن ٿا تن کي، هڪڙو جهنڊو ڏنو اٿيئي، تہ اهو سچائيءَ جي خاطر مٿي ڪيو وڃي. 5 پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن. 6 خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشيون ڪندس: آءٌ سڪيم جا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات جي وادي ورهائي ڏيندس. 7 جلعاد منهنجو آهي، ۽ منسي بہ منهنجو آهي: افرائيم منهنجي مٿي جي بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداہ منهنجو عصو آهي. 8 موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانو آهي؛ ۽ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: اي فلستين، تون منهنجي ڪري خوشيءَ سان للڪار. 9 ڪير مون کي انهي مضبوط شهر ۾ وٺي ويندو؟ ڪير مون کي ادوم تائين پهچائيندو؟ 10 اي خدا تو اسان کي ڇڏي نہ ڏنو آهي ڇا؟ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين. 11 اسان کي مدد ڏيئي دشمن کان بچاءِ ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي. 12 خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society