Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 56 - Sindhi Bible

1 اي خدا مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو انسان مون کي ڳيهڻ ٿو گهري: هو سڄو ڏينهن وڙهي وڙهي مون کي پيو ستائي.

2 منهنجا دشمن مون کي سڄو ڏينهن ڳهي وڃڻ ٿا گهرن: ۽ جيڪي مغروريءَ ۾ مون سان وڙهن ٿا سي گهڻيئي آهن.

3 جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ توتي ڀروسو رکندس.

4 خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي، سو آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟

5 اهي سڄو ڏينهن منهنجن لفظن جي اُبتي معنيٰ پيا ڪڍن: ۽ انهن جا سڀ خيال مون سان بڇڙائي ڪرڻ جا آهن.

6 اهي گڏجي لڪي ٿا ويهن، ۽ منهنجا پير پيا جاچين، ڄڻ تہ منهنجو ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.

7 اُهي بڇڙائي ڪري ڇٽي ويندا ڇا؟ اي خدا غصي ۾ قومن کي ڪيرائي ڇڏ.

8 تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟

9 جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي.

10 خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: خداوند جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس.

11 مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟

12 اي خدا مون تنهنجون مڃتائون مڃيون آهن: آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيندس.

13 ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan