زبور 55 - Sindhi Bible1 اي خدا منهنجيءَ دعا تي ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي منٿ کان منهن نہ موڙ. 2 مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون کي جواب ڏي: آءٌ پنهنجي غم ۾ بي آرام آهيان، ۽ ڪنجهان پيو. 3 دشمن جي واڪي، ۽ بدڪار جي ظلم ڪري؛ ڇو جو اُهي مون سان بڇڙائي ٿا ڪن، ۽ غصي ۾ مونکي ستائين ٿا. 4 منهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو ڏک آهي: ۽ موت جو ڊپ مون کي ويڙهي ويو آهي. 5 خوف ۽ ڏڪڻي مون تي اچي پيئي آهي، ۽ هيبت مون تي غالب پيئي آهي. 6 مون چيو تہ شل مون کي ڪبوتر جهڙا کنڀ هجن ها، تہ جيڪر اُڏامي وڃي آرام ڪريان ها. 7 پوءِ جيڪر آءٌ گهڻو پري نڪري وڃان ها، ۽ بيابان ۾ وڃي رهان ها. 8 آءٌ جيڪر سخت طوفان ۽ واچوڙي کان ڀڄي ڪنهن هنڌ وڃي پناهہ وٺان ها. 9 اي خداوند انهن کي برباد ڪر، ۽ انهن جي ٻوليءَ ۾ رولو وجهہ: ڇو جو مون شهر ۾ ظلم ۽ جهيڙو ڏٺو آهي. 10 هو رات ڏينهن انهي جي ڀتين تي پيا گهمن: ۽ اُنهيءَ ۾ بڇڙائي ۽ ٺڳي بہ موجود آهي. 11 انهي منجهہ بدڪاري آهي: ۽ ظلم ۽ دغا انهي جي گهٽين مان نٿا نڪرن. 12 جنهن مون کي طعنا هنيا سو دشمن ڪونہ هو: هوند آءٌ اهو سهي وڃان ها: ۽ جنهن پاڻ کي منهنجي برخلاف پڏايو تنهن کي مون سان دشمني ڪانہ هئي؛ هوند ۽ آءٌ پاڻ کي انهي کان لڪايان ها. 13 پر اهو تون هئين، جو منهنجو رفيق، منهنجو سنگتي، ۽ منهنجو گهرو دوست هئين. 14 اسين پاڻ ۾ مٺيون ڳالهيون ڪندا هئاسين، ۽ جماعت سان گڏجي خدا جي گهر ۾ ويندا هئاسين. 15 ڀلي تہ انهن تي اوچتو موت اچي، ۽ ڀلي تہ اهي جيئري ئي وڃي قبر ۾ پون: ڇو جو بڇڙائي انهن جي گهرن ۾، بلڪ خود منجهن آهي. 16 پر آءٌ تہ خدا کي پڪاريندس: ۽ خداوند مون کي بچائيندو. 17 سانجهيءَ جو، ۽ صبح جو، ۽ ٻنپهرن جو. آءٌ روئي فرياد ڪندس: ۽ هو منهنجو آواز ٻڌندو. 18 منهنجي برخلاف جيڪا جنگ جوٽي هئائون، تنهن مان هن منهنجيءَ جان کي سلامت بچايو: ڇو جو مون سان وڙهڻ وارا گهڻا هئا. 19 خدا، جو قديم وقت کان قائم آهي، سو ٻڌندو ۽ انهن کي جواب ڏيندو، اُهي اهڙا ماڻهو آهن جن ۾ ڦير ڦار نٿي ٿئي، ۽ اهي خدا کان نٿا ڊڄن. 20 هن اهڙن تي پنهنجا هٿ کنيا آهن جي ساڻس ٺهي ٿي هليا: هن پنهنجو عهد ڀڳو آهي. 21 هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون. 22 پنهنجو بار خداوند تي رک، تہ هو توکي سنڀاليندو: هو راستبازن کي ڪڏهن بہ لوڏو کائڻ ڪين ڏيندو. 23 پر اي خدا تون انهن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين: خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ ڄمار تائين بہ جيئرا ڪين رهندا؛ پر آءٌ توتي ڀروسو رکندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society