Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 53 - Sindhi Bible

1 بيوقوف پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا ڪونهي. اُهي بگڙي ويا آهن، اُنهن ڪراهت جهڙي برائي ڪئي آهي؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.

2 خدا آسمان مان بني آدم ڏانهن نهاريو، تہ ڏسي تہ ڪو اهڙو سمجهو آهي جو خدا جي ڳولا ٿو ڪري.

3 انهن مان هرڪو گمراهہ ٿيو آهي؛ اهي سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.

4 بدڪارن کي سمجهہ ڪانهي ڇا؟ ۽ اُهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائي وڃن جيئن ماني کائبي آهي، ۽ خدا کان دعا نٿا گهرن.

5 جتي خوف ڪونہ هو، اُتي هو ڏاڍا ڊڄي ويا: ڇالاءِ تہ جيڪي توکي گهيرو ٿا ڪن تن جي هڏين کي خدا ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي؛ تو انهن کي شرمندو ڪيو، ڇو تہ خدا کين رد ڪري ڇڏيو آهي.

6 شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خدا پنهنجيءَ اُمت جي قيدين کي موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan