زبور 50 - Sindhi Bible1 خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس. 2 صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي. 3 اسان جو خدا ايندو ۽ ماٺ ڪري ڪين ويهندو: باهہ سندس اڳيان اڳيان ڀسم ڪندي ويندي، ۽ سندس چوڌاري ڏاڍو طوفان پيو لڳندو. 4 هو پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ، مٿئين آسمان کي ۽ زمين کي سڏيندو: 5 تہ منهنجي پاڪ بندن کي مون وٽ گڏ ڪريو؛ جن قرباني ڪري مون سان عهد ڪيو آهي. 6 ۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي. 7 اي منهنجي اُمت ٻڌ، آءٌ فرمائيندس؛ اي اسرائيل آءٌ توتي شاهدي ڏيندس؛ آءٌ خدا آهيان، يعني تنهنجو خدا آهيان. 8 آءٌ توکي تنهنجن قربانين جي ڪري ڏوراپو نہ ڏيندس؛ ۽ تنهنجون سوختني قربانيون سدائين منهنجي سامهون آهن. 9 آءٌ تنهنجي گهر مان ڍڳو ڪين وٺندس، نڪي تنهنجي واڙي مان ٻڪر. 10 ڇو تہ جهنگ جو هرڪو جانور منهنجو آهي ۽ هزارين ٽڪرين جا ڍور منهنجا ئي آهن. 11 آءٌ جبلن جي سڀني پکين کي سڃاڻان ٿو: ۽ ميدان جا سڀ جانور منهنجا آهن. 12 جيڪڏهن آءٌ بکايل هجان ها تہ توکي ڪين ٻڌايان ها: ڇو جو دنيا ۽ انهيءَ جي ڀرپوري منهنجي آهي. 13 ڇا آءٌ ڍڳن جو گوشت کائيندس، يا ٻڪرن جو رت پيئندس؟ 14 خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر. 15 مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين. 16 پر بدڪار کي خدا چوي ٿو، تہ تنهنجو ڪهڙو ڪم جو منهنجا قانون پڌرا ڪرين، ۽ پنهنجي واتان منهنجي عهد جو بيان ڪرين. 17 ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين. 18 جڏهن تو چور کي ڏٺو، تڏهن تون انهيءَ سان ملي وئين، ۽ زناڪارن سان شريڪ ٿئين. 19 تنهنجي وات مان بڇڙائي ٿي نڪري، ۽ تنهنجي زبان ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي رٿي. 20 تون ويهي پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿو ڳالهائين؛ ۽ تون پنهنجي سڳي ڀاءُ جي گلا ٿو ڪرين. 21 تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس. 22 هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي: 23 جيڪو شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ٿو ڪري سو منهنجو جلال ظاهر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو پنهنجي چال چلن برابر ٿو رکي تنهن کي آءٌ خداوند جي نجات ڏيکاريندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society