زبور 5 - Sindhi Bible1 اي خداوند منهنجي ڳالهہ تي ڪن ڏي، ۽ منهنجي آهن تي نگاهہ ڪر. 2 اي منهنجا بادشاهہ منهنجا خدا، منهنجي پڪار ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو کان دعا ٿو گهران. 3 اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس. 4 ڇو جو تون اهو خدا نہ آهين، جو بڇڙائيءَ مان خوش ٿين، بدڪاري تو وٽ رهي ڪين سگهندي. 5 مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي. 6 جيڪي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، تن کي تون برباد ڪندين؛ خداوند کي خوني ۽ دغاباز ماڻهوءَ کان نفرت آهي. 7 پر آءٌ تنهنجي بيحد رحم جي ڪري تنهنجي گهر ۾ ايندس؛ آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري ڊپ سان توکي سجدو ڪندس. 8 اي خداوند، مون کي منهنجي دشمنن جي سببان پنهنجي راستبازيءَ ۾ هلاءِ؛ منهنجي اڳيان پنهنجي واٽ پڌري ڪر. 9 ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن. 10 اي خدا انهن کي ڏوهي ٺهراءِ؛ هي پنهنجن منصوبن ۾ پاڻ ڦاسن؛ انهن کي سندن گناهن جي گهڻائيءَ ڪري ڌڪي ڪڍ؛ ڇو جو تنهنجي برخلاف فساد ڪيو اٿن. 11 پر جيڪي توتي ڀروسو ٿا رکن سي خوشيون ڪن، اهي سدائين خوشيءَ سان پڪارين، ڇو جو تون انهن کي بچائين ٿو: جيڪي تنهنجي نالي کي پيار ٿا ڪن، سي تون ۾ خوشحال رهن. 12 ڇو جو تون راستباز کي برڪت ڏيندين؛ اي خداوند، تون هن کي ڍال وانگي مهربانيءَ سان ڍڪي ڇڏيندين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society