Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 49 - Sindhi Bible

1 اي سڀ قومون هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اي دنيا جا سڀ رهاڪو اوهين ڪن ڏيو.

2 ننڍا ۽ وڏا، امير ۽ غريب، سڀ گڏجي ٻڌو.

3 منهنجي واتان دانائيءَ جي ڳالهہ نڪرندي ۽ منهنجي دل جا خيال سمجهہ سان ڀرپور ٿيندا.

4 آءٌ هڪڙي مثال تي ڪن ڏيندس: آءٌ بربط وڄائي پنهنجي ڳجهارت ڀڃندس.

5 مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ ڊپ ڇو ڪريان؟ يا جڏهن بڇڙائي منهنجي پٺيان پئي مون کي گهيريندي؟

6 جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ پنهنجي گهڻيءَ ملڪيت تي ٿا ڪُڏن؛

7 تن مان ڪنهن کي بہ طاقت نہ آهي جو پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائي سگهي، يا خدا کي انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.

8 (ڇالاءِ جو ان جي جان جو صدقو مهانگو آهي، ۽ ڪڏهن بہ ڏنو نہ ويندو:)

9 تہ هو سدائين جيئرو رهي، ۽ قبر ۾ نہ وڃي.

10 ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ داناءُ ماڻهو مريو ٿا وڃن، ۽ بيوقوف ۽ وحشي بہ فنا ٿا ٿين، ۽ پنهنجي ملڪيت ٻين لاءِ ڇڏي ٿا وڃن.

11 اهي پنهنجيءَ دل ۾ سمجهن ٿا تہ اسان جا گهر سٺا ۽ جٽاءُ ڪندا، ۽ اسان جي رهڻ جون ماڙيون پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ قائم رهنديون: اهي پنهنجين زمينن تي پنهنجا نالا ٿا رکن.

12 پر ماڻهو عزت جي حالت ۾ جٽاءُ نٿو ڪري: هو جانورن وانگر فنا ٿيو ٿا وڃن.

13 انهن جي هيءَ واٽ بيوقوفي آهي: تڏهن بہ انهن کان پوءِ سندن ڳالهيون ماڻهن کي وڻن ٿيون.

14 اهي قبر ۾ ويندڙ ڌڻ وانگي ٺهرايل آهن، ۽ موت انهن جو ڌنار ٿيندو: سچار انهن تي صبح جو حڪومت ڪندو؛ ۽ انهن جي سونهن قبر جو قوت ٿي ويندي، تہ انهن جي لاءِ ڪا جاءِ نہ رهي.

15 پر خدا منهنجيءَ جان کي قبر جي هٿ مان ڇڏائيندو: ڇو جو اهو ئي مون کي قبول ڪندو.

16 جڏهن ڪو ماڻهو دولتمند ٿئي، ۽ سندس گهراڻي جو شان وڌي، تڏهن بہ تون ڊپ نہ ڪج.

17 ڇو تہ جڏهن هو مرندو تڏهن ڪي کڻي ڪين ويندو؛ سندس شوڪت ساڻس گڏ ڪين ويندي.

18 جيتوڻيڪ هو پنهنجي جيئري پنهنجيءَ جان کي مبارڪ چوندو هو، (۽ جڏهن تون پنهنجو ڀلو ٿو ڪرين تڏهن ماڻهو تنهنجي تعريف ٿا ڪن،)

19 تہ بہ هو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏبو؛ اهي سوجهرو ڪڏهن ڪين ڏسندا.

20 جنهن ماڻهوءَ کي وڏو مرتبو آهي، پر سمجهہ نہ اٿس، اُهو جانورن وانگر آهي جي فنا ٿي ٿا وڃن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan