زبور 48 - Sindhi Bible1 اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي. 2 اُتر پاسي صيون جبل، جو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي، سو بلند، خوشنما ۽ ساريءَ زمين جي خوشي جو سبب آهي. 3 انهيءَ جي محلاتن ۾ خدا هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي آهي، تہ آءٌ پناهہ آهيان. 4 ڇالاءِ جو ڏس بادشاهہ گڏ ٿيا، اهي گڏجي لنگهي ويا. 5 اُهي ڏسي حيران ٿي ويا، اهي ڊڄي ڀڄي ويا. 6 اتي هو ڏڪڻ لڳا، ۽ ويم واريءَ زال جهڙا سور اچي ٿين. 7 تون اڀرندي جي هوا سان ترسيس جي جهازن کي ڀڃيو ڇڏين. 8 جيئن اسان ٻڌو هو، تيئن ئي لشڪرن جي خداوند جي شهر ۾، يعني اسان جي خدا جي شهر ۾ ڏٺو اٿئون: خدا انهي کي هميشہ تائين قائم رکندو. 9 اي خدا اسان تنهنجيءَ هيڪل ۾، تنهنجيءَ ٻاجهہ تي غور ڪيو آهي. 10 اي خداوند جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف زمين جي ڇيڙي تائين پيئي ٿئي: تنهنجو ساڄو هٿ سچائيءَ سان ڀرپور آهي. 11 تنهنجن فيصلن جي ڪري ڀلي تہ صيون جبل خوشيون ڪري، ۽ يهوداهہ جون ڌيئرون خوش ٿين. 12 صيون جي آس پاس گهمو، ۽ ان جي چوڌاري ڦري ڏسو، ۽ سندس ٺلهہ ڳڻيو. 13 اوهين انهي جي ڪوٽ جي ڀت کي جاچي ڏسو، ۽ انهيءَ جي محلاتن تي غور ڪريو تہ اوهين پنهنجن پويَن کي اها ڳالهہ ٻڌايو. 14 ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society