زبور 47 - Sindhi Bible1 اي سڀ قومون تاڙيون وڄايو، فتح جي آواز سان خدا لاءِ خوشي ڪريو. 2 ڇالاءِ جو خداوند تعاليٰ هيبتناڪ آهي؛ هو ساري زمين جو شهنشاهہ آهي. 3 هو قومن کي اسان جي تابع ڪندو، ۽ ملڪن کي اسان جي پيرن هيٺ آڻيندو. 4 هو اسان لاءِ اسان جو ورثو چونڊي ڪڍندو، جو سندس محبوب يعقوب جي حشمت آهي. 5 خداوند بلند آواز سان، ۽ خداوند تريءَ جي آواز سان مٿي چڙهيو آهي. 6 خدا جي تعريف ڳايو، تعريف ڳايو: اسان جي بادشاهہ جي تعريف ڳايو. 7 ڇو جو خدا سڄي زمين جو بادشاهہ آهي: عقل سان سندس تعريف ڳايو. 8 خدا قومن تي حڪومت ٿو ڪري: خدا پنهنجي پاڪ تخت تي ويٺو آهي: 9 قومن جا سردار گڏ ٿيا آهن تہ ابرهام جي خدا جي اُمت ٿين: ڇو جو زمين جون ڍالون خدا جون آهن؛ هو وڏي اقبال وارو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society