Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 45 - Sindhi Bible

1 منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.

2 بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.

3 اي پهلوان، تنهنجي ترار جا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي، سا پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ.

4 سچائي، حلم، ۽ راستبازي جي شوڪت سان سواري ڪري اقبال مند ٿيءُ: ۽ تنهنجو ساڄو هٿ توکي هيبتناڪ ڪم سيکاريندو.

5 تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون.

6 اي خدا تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي: صداقت جو عصو تنهنجي بادشاهيءَ جو عصو آهي.

7 تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي.

8 تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين.

9 شهزاديون تنهنجين آبرودار زالن ۾ آهن: ۽ اوفير جي سون سان سينگاريل راڻي تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.

10 اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.

11 پوءِ بادشاهہ تنهنجيءَ سونهن تي سڪندو: هو تنهنجو ڌڻي آهي؛ تون کيس سجدو ڪر.

12 صور جي ڌيءَ نذرانو آڻي اتي حاضر ٿيندي؛ ۽ قوم جا دولتمند ماڻهو تنهنجي نوازش گهرندا.

13 بادشاهہ جي ڌيءَ محلات ۾ بلڪل شان واري آهي: سندس ڪپڙن تي سون جو ڀرت آهي.

14 هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا.

15 هو انهن کي ڏاڍي خوشيءَ ۽ سرهائيءَ سان آڻيندا: اُهي بادشاهہ جي محلات ۾ داخل ٿينديون.

16 تنهنجا ٻار تنهنجي ابن ڏاڏن جي جاءِ تي ايندا، تون انهن کي ساري زمين تي سردار مقرر ڪندين.

17 منهنجي وسيلي سڀني پيڙهين ۾ تنهنجو نالو ياد رهندو: انهي ڪري قومون هميشہ تنهنجا ٿورا مڃينديون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan