زبور 44 - Sindhi Bible1 اي خدا اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو آهي، تہ سندن ڏينهن ۾، ۽ قديم زماني ۾ تو ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن. 2 تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو. 3 ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين. 4 اي خدا، تون منهنجو بادشاهہ آهين: يعقوب جي ڇوٽڪاري لاءِ حڪم جاري ڪر. 5 تنهنجيءَ مدد سان اسين پنهنجن دشمنن کي ڌڪي ڪيرائينداسين: جيڪي اسان جي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن کي تنهنجي نالي جي ڪري لتاڙي ڇڏينداسين. 6 ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪمان تي ڀروسو نہ رکندس، نڪي منهنجي ترار مون کي بچائيندي. 7 پر تو اسان کي اسان جي دشمنن کان بچايو آهي، ۽ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن تن کي شرمندو ڪيو اٿيئي. 8 اسين سڄو ڏينهن خدا تي فخر ٿا ڪريون، ۽ هميشہ تنهنجي نالي جا ٿورا مڃينداسين. 9 پر هاڻي تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي ذليل ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين. 10 تون اسان کي دشمنن جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڇڏين: ۽ جيڪي اسان سان دشمني ٿا رکن سي اسان کي پنهنجي لاءِ پيا لٽين. 11 تو اسان کي ڪاسائيءَ جي رڍن وانگي ڪيو آهي، ۽ قومن ۾ اسان کي دربدر ڪيو اٿيئي. 12 تون پنهنجيءَ اُمت کي مفت ۾ ٿو وڪڻين، ۽ سندن قيمت مان پنهنجي دولت ڪانہ وڌائي اٿيئي. 13 تو اسان جي پاڙيسرين کان اسان کي طعنا هڻايا آهن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس ٿا رهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن. 14 تو اسان کي قومن ۾ پهاڪي جو سبب ڪيو آهي، ۽ ماڻهو اسان تي ڪنڌ پيا ڌوڻين. 15 منهنجي بدنامي سڄو ڏينهن منهنجي سامهون آهي، ۽ منهنجو منهن شرم ۾ ٻڏي ويو آهي. 16 هي حال طعنن هڻڻ ۽ لعنت ڪرڻ واري جي ڪري، ۽ دشمن ۽ وير وٺڻ واري جي سبب ٿيو آهي. 17 جيتوڻيڪ اسان جو هي حال ٿيو آهي، تڏهن بہ اسان توکي ڪين وساريو آهي، نڪي تنهنجي عهد ۾ ڪا بيوفائي ڪئي اٿئون. 18 اسان جي دل تو کان ڦري ڪانہ ويئي آهي، نڪي اسان جا پير تنهنجيءَ واٽ کان هٽيا آهن. 19 تڏهن بہ تو اسان کي گدڙن جي جاءِ ۾ ڀڃي ڀوري ڇڏيو آهي، ۽ موت جي پاڇي ۾ اسان کي ڍڪي ڇڏيو اٿيئي. 20 جيڪڏهن اسان پنهنجي خدا جو نالو وساريو آهي، يا ڪنهن ٻئي معبود ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريا اٿئون؛ 21 تہ خدا انهيءَ جو حساب نہ وٺندو ڇا؟ ڇالاءِ جو هو دلين جا ڳجهہ ڄاڻي ٿو. 22 بلڪ اسين تہ سڄو ڏينهن تو لاءِ پيا مارجون؛ ۽ ڪوس جي رڍن وانگي پيا ڳڻجون. 23 اي خداوند جاڳ، تون ڇو ننڊ ۾ آهين؟ اُٿ، هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇڏي نہ ڏي. 24 تون پنهنجو منهن ڇو ٿو لڪائين، ۽ اسان جي مصيبت ۽ ظلم کي ڇو ٿو وسارين؟ 25 ڇالاءِ جو اسان جي جان جهڪي وڃي مٽيءَ سان ملي آهي: ۽ اسان جو جسم وڃي پٽ سان لڳو آهي. 26 اُٿي اسان جي مدد ڪر، ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري اسان کي ڇوٽڪارو ڏي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society