زبور 42 - Sindhi Bible1 اي خدا جيئن هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ سڪي ٿي، تيئن منهنجي جان بہ تو لاءِ پيئي سڪي. 2 منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس. 3 منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ 4 جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي. 5 اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس. 6 اي منهنجا خدا منهنجي جان مون ۾ ڍرڪي پيئي آهي: تنهن ڪري آءٌ يردن جي ملڪ مان، ۽ حرمون ۽ مصغار جي جبل تان توکي ياد پيو ڪريان. 7 تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن. 8 تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس. 9 خدا جو منهنجو ٽڪر آهي، تنهن کي آءٌ چوندس تہ تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم پيو ڪريان؟ 10 جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي. 11 اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society