Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 41 - Sindhi Bible

1 مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو.

2 خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ.

3 خداوند بيماريءَ جي وقت سندس سار لهندو: تون انهي جي بيماريءَ جي بستري کي بدلي برابر ڪندين.

4 مون چيو تہ اي خداوند، مون تي رحم ڪر: منهنجيءَ جان کي شفا ڏي؛ ڇو جو مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.

5 منهنجا دشمن منهنجي ڳولا ٿا ڪن، ۽ چون ٿا، تہ هيءُ ڪڏهن مرندو، ۽ هن جو نالو ڪڏهن ميٽجي ويندو.

6 جيڪڏهن اهو مون کي گڏجڻ ٿو اچي، تہ اجايون ڳالهيون ٿو ڪري؛ هو پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿو گڏ ڪري: ۽ ٻاهر وڃي انهيءَ جو ذڪر ٿو ڪري.

7 جن کي مون سان عداوت آهي سي پاڻ ۾ سُس پُس ٿا ڪن: ۽ مون کي نقصان رسائڻ لاءِ رِٿون پيا رِٿين.

8 ۽ چون ٿا تہ هن کي بري بيماري لڳي آهي: هينئر هو ليٽيو آهي سو وري ڪين اُٿندو.

9 منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.

10 پر اي خداوند تون مون تي رحم ڪري مون کي اُٿاري کڙو ڪر، تہ آءٌ انهن کان بدلو وٺان.

11 منهنجو دشمن مون تي فتح نٿو پائي، تنهن مان آءٌ سمجهان ٿو تہ تون مون کان خوش آهين.

12 تون ئي مون کي منهنجيءَ سچائيءَ ۾ قائم ٿو رکين، ۽ مون کي هميشہ پنهنجي حضور ۾ ٿو رکين.

13 شل خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي. آمين. آمين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan