Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 40 - Sindhi Bible

1 مون صبر ڪري خداوند جو انتظار ڪيو. ۽ هو مون ڏانهن مائل ٿيو، ۽ منهنجي دانهن ٻڌائين.

2 هن مون کي خوفناڪ کڏ ۽ ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو؛ ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکيا، ۽ منهنجيءَ چال کي قائم ڪيائين.

3 هن منهنجي وات ۾ اسان جي خدا جي تعريف جو هڪڙو نئون گيت وڌو آهي؛ اهو ڏسي گهڻا ئي ڊڄندا، ۽ خداوند تي ڀروسو رکندا.

4 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جيڪي مغرور آهن ۽ ڪوڙ تي سندرو ٿا ٻڌن، تن ڏانهن مائل نٿو ٿئي.

5 اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.

6 تون قربانيءَ ۽ نذراني کان خوش نٿو ٿين ۽ تو منهنجا ڪن کوليا آهن؛ تو سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ڪانہ طلبي آهي.

7 تڏهن مون چيو تہ ڏس، آءٌ حاضر آهيان؛ ڪتاب جي ورق ۾ مون بابت هيئن لکيل آهي.

8 اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.

9 مون وڏي جماعت ۾ تنهنجيءَ راستبازيءَ کي ظاهر ڪيو آهي؛ اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ پنهنجو منهن بند نہ ڪندس.

10 مون تنهنجي سچائي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکي آهي؛ مون تنهنجيءَ وفاداريءَ ۽ نجات کي ظاهر ڪيو آهي: ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي وڏيءَ جماعت کان ڳجهي ڪانہ رکي اٿم.

11 اي خداوند تون پنهنجي رحم جي نظر مون تان نہ هٽاءِ ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي هميشہ منهنجي حفاظت ڪن.

12 ڇالاءِ جو بي شمار برايون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن، ۽ منهنجي خطائن مونکي اهڙو قابو ڪيو آهي جو آءٌ اکيون مٿي کڻي نٿو سگهان: هي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، تنهن ڪري آءٌ دل لٿل ٿي پيو آهيان.

13 اي خداوند مهرباني ڪري مون کي ڇڏاءِ: اي خداوند سيگهہ سان منهنجي مدد ڪر.

14 جيڪي منهنجيءَ جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين سي سڀ شرمندا ٿين ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ راضي آهن سي هٽي وڃن ۽ بدنام ٿين.

15 جيڪي مون کي ايهو ايهو ٿا ڪن، سي پنهنجي بدناميءَ جي ڪري اُجاڙ ٿي وڃن.

16 شل تنهنجا طالب تو ۾ خوشي ڪن ۽ سرها ٿين؛ جيڪي تنهنجيءَ نجات کي چاهين ٿا سي سدائين چوندا رهن تہ خداوند جي تمجيد ٿئي.

17 آءٌ تہ غريب ۽ محتاج آهيان؛ پر خداوند مون لاءِ فڪر ٿو ڪري؛ اي منهنجا خدا، تون ئي منهنجو مددگار ۽ ڇڏائيندڙ آهين، دير نہ ڪر.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan