زبور 4 - Sindhi Bible1 اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ. 2 اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟ 3 پر ڄاڻي وٺو تہ خداوند ديندار کي پنهنجي لاءِ چونڊي رکيو آهي؛ جڏهن آءٌ خداوند کي پڪاريندس، تڏهن هو منهنجي ٻڌندو. 4 ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو. 5 راستبازيءَ جون قربانيون چاڙهيو، ۽ خداوند تي ڀروسو رکو. 6 گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ. 7 جيڪا خوشي انهن کي سندن اَن ۽ مئي جي واڌاري مان حاصل ٿي ٿئي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجي دل ۾ وڌي آهي. 8 آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society