زبور 38 - Sindhi Bible1 اي خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ مونکي نہ ڇينڀ: نڪي پنهنجي غصي ۾ مون کي سزا ڏي. 2 ڇالاءِ جو مون کي تنهنجا تير لڳا آهن، ۽ تنهنجو هٿ مون کي زور سان ٿو دٻائي. 3 تنهنجي غصي جي ڪري منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي؛ نڪي منهنجي گناهہ جي ڪري منهنجي هڏن ۾ آرام آهي. 4 ڇو تہ منهنجون برايون مون تي چڙهي ويون آهن؛ ۽ اُهي ڳوري بار وانگر آهن جو آءٌ کڻي نٿو سگهان. 5 منهنجي بيوقوفيءَ جي ڪري، منهنجا ڦٽ ڪنا ٿي پيا آهن، ۽ منجهانئن بانس ٿي اچي. 6 آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان. 7 ڇو جو منهنجي چيلهہ پيئي ٻري؛ ۽ منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي. 8 آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان. 9 اي خداوند منهنجون سڀ مرادون تنهنجي اڳيان آهن؛ ۽ منهنجي ڪنجهڪار تو کان لڪل نہ آهي. 10 منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ٿي ڪري، ۽ طاقت گهٽبي ٿي وڃي؛ منهنجين اکين جو سوجهرو بہ مون وٽان هليو ويو آهي. 11 منهنجا پيارا ۽ دوست منهنجيءَ آفت جي وقت مون کان پري ٿي بيٺا آهن؛ ۽ منهنجا مٽ مائٽ ڏور ٿي بيٺا آهن. 12 جيڪي منهنجيءَ جان جي پٺيان آهن، سي مون لاءِ ڦندا ٿا وڇائين، ۽ جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي حرڪت جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ سڄو ڏينهن ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين. 13 پر آءٌ ٻوڙي ماڻهوءَ وانگر انهن جي نٿو ٻڌان؛ ۽ گونگي وانگيان پنهنجو وات نٿو پٽيان. 14 بلڪ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جو نٿو ٻڌي، ۽ جو ڏوراپا نٿو ڏئي. 15 ڇالاءِ جو اي خداوند مون کي تو ۾ اُميد آهي؛ ۽ اي خداوند منهنجا خدا تون منهنجي ٻڌندين. 16 ڇالاءِ جون مون چيو تہ ائين نہ ٿئي تہ اهي مون تي کلن؛ ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي تڏهن اهي مون تي پاڻ کي پڏائين. 17 جو آءٌ ڪرڻ تي آهيان، ۽ منهنجو غم هميشہ منهنجي سامهون آهي. 18 ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي بڇڙائي ظاهر ڪندس؛ ۽ پنهنجي گناهہ ڪري پشيمان ٿيندس. 19 پر منهنجا دشمن چالاڪ ۽ زوراور آهن: ۽ جيڪي ناحق مون سان عداوت ٿا رکن سي وڌي ويا آهن. 20 جيڪي نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن سي منهنجا دشمن آهن، ڇو جو آءٌ نيڪيءَ جي پيروي ٿو ڪريان. 21 اي خداوند مونکي ڇڏي نہ ڏي: اي منهنجا خدا مون کان پري نہ ٿيءُ. 22 اي خداوند، اي منهنجي نجات، جلد منهنجي مدد ڪر. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society