زبور 37 - Sindhi Bible1 بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر. 2 ڇالاءِ جو اُهي گاهہ وانگي سگهو ئي وڍجي ويندا، ۽ سائي ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويندا. 3 تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل. 4 خداوند ۾ خوش رهہ؛ ۽ هو تنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪندو. 5 پنهنجون واٽون خداوند جي حوالي ڪر؛ ۽ مٿس ڀروسو رک، هو پاڻيهي تنهنجو مطلب پورو ڪندو. 6 هو تنهنجي راستبازي سوجهري وانگي ظاهر ڪندو، ۽ تنهنجو انصاف ٻنپهرن جي روشنيءَ وانگر چمڪندو. 7 خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر. 8 ۽ غصي کان پاسو ڪر، ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏي: پاڻ کي خفي نہ ڪر. انهيءَ ۾ برائي آهي. 9 ڇالاءِ جو بدڪار تباهہ ٿي ويندا: پر جيڪي خداوند جا منتظر آهن سي زمين جا وارث ٿيندا. 10 ڇو جو ٿوري دير کان پوءِ بدڪار هوندو ئي ڪونہ: تون انهي جي جاءِ ۾ چتائي نهاريندين پر هو هوندو ئي ڪين. 11 پر حليم ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ ججهي سلامتيءَ جي ڪري سرها ٿيندا. 12 بدڪار ماڻهو سچار جي برخلاف منصوبو ٿو رِٿي، ۽ مٿس ڏند ٿو ڪرٽي. 13 خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي. 14 بدڪارن ترار ڪڍي آهي، ۽ پنهنجون ڪمانون ڪشيون اٿن؛ انهي لاءِ تہ غريبن ۽ محتاجن کي ڪيرائي ڇڏين، ۽ چڱيءَ چال وارن کي قتل ڪن. 15 انهن جي ترار سندين ئي دلين ۾ گهڙي ويندي، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پونديون. 16 راستباز ماڻهوءَ وٽ جيڪي ٿورو آهي سو بڇڙن جي گهڻي دولت کان چڱو آهي. 17 ڇالاءِ جو بدڪارن جون ٻانهون ڀڄي پونديون: پر خداوند راستباز کي سنڀالي ٿو. 18 خداوند کي ڪامل ماڻهوءَ جي ڏينهن جي خبر آهي: ۽ انهن جي ميراث هميشہ لاءِ رهندي. 19 اهي ڏکئي وقت شرمندا ڪين ٿيندا ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڍاول رهندا. 20 پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا، ۽ خداوند جا دشمن ساوڪ ۽ گاهہ وانگر نابود ٿي ويندا؛ اهي دونهين وانگر اُڏامي ويندا. 21 بدڪار اُڌارو وٺي وري موٽائي نٿو ڏئي، پر راستباز رحمدل ٿي ڏئي ٿو. 22 ڇو تہ جن تي هن جي برڪت آهي سي زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ جن تي سندس لعنت آهي سي تباهہ ٿي ويندا. 23 جڏهن ماڻهوءَ جي واٽ خداوند کي وڻي ٿي: تڏهن هو انهي جي چال کي قائم ٿو ڪري. 24 جيتوڻيڪ هو ڪري پوي تڏهن بہ هو اُتيئي پيو ڪين رهندو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي هٿ ڏيئي سنڀالي وٺندو. 25 آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو ٿيو آهيان؛ پر تڏهن بہ راستباز کي بيوس، ۽ سندس اولاد کي ٽڪر پنندو ڪونہ ڏٺو اٿم. 26 هو سارو ڏينهن رحم ڪري قرض ٿو ڏئي؛ ۽ هن جي اولاد کي برڪت ٿي ملي. 27 بڇڙائيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ نيڪي ڪر؛ تہ تون سدائين قائم رهندين. 28 ڇو جو خداوند کي انصاف وڻي ٿو، ۽ هو پنهنجن مقدسن کي ڇڏي نٿو ڏئي؛ اهي هميشہ مضبوط آهن؛ پر بڇڙن جو نسل تباهہ ٿي ويندو. 29 راستباز ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا، ۽ سدائين منجهس رهندا. 30 راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري. 31 هنجي خدا جي شريعت سندس دل ۾ آهي؛ هن جو پير ڪڏهن ڪين ترڪندو. 32 بڇڙو ماڻهو سچار جو وجهہ پيو ڳولي تہ کيس قتل ڪري. 33 خداوند هن کي انهي جي هٿ ۾ ڪين ڇڏيندو، ۽ جڏهن هنجي عدالت ٿيندي تڏهن کيس ڏوهي ڪين ٺهرائيندو. 34 خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين. 35 مون بدڪار کي ڏاڍو زور وٺندو ڏٺو، جهڙو ڀليءَ زمين ۾ لڳل سائو وڻ؛ 36 پر جڏهن ڪو ماڻهو اتان لنگهيو، تڏهن اُهو هو ئي ڪين؛ مون سندس ڳولا ڪئي، پر هو لڌو ئي ڪونہ. 37 ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي. 38 پر بدڪار هيڪاندا برباد ٿيندا؛ بڇڙن جي پڇاڙيءَ ۾ تباهي آهي. 39 راستبازن جي نجات خداوند جي طرفان آهي: ۽ مصيبت جي وقت اهو ئي سندس مضبوط قلعو آهي. 40 خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society