زبور 35 - Sindhi Bible1 اي خداوند جيڪي مون سان جهيڙو ٿا ڪن تن سان تون جهيڙو ڪر: ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن سان وڙهہ. 2 ڍال ۽ سپر جهلي منهنجي مدد لاءِ اُٿي بيهہ. 3 ڀالو بہ ڪڍ، ۽ جيڪي منهنجي پٺيان ٿا پون تن جو رستو روڪ: ۽ منهنجيءَ جان کي چئُہ تہ آءٌ تنهنجي نجات آهيان. 4 جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين. 5 اُهي اهڙا ٿين جيئن واءُ جي اڳيان باهہ، ۽ خداوند جو فرشتو اُنهن کي ڌڪيندو رهي. 6 انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ خداوند جو فرشتو سندن پٺيان پوي. 7 ڇالاءِ جو اُنهن بي سبب مون لاءِ کڏ ۾ ڄار لڪايو آهي، ۽ بنا سبب منهنجيءَ جان جي لاءِ کڏ کوٽي اٿن. 8 شل هو اوچتو ئي برباد ٿئي؛ ۽ جيڪو ڄار هن لڪايو آهي تنهن ۾ پاڻ پوي: ۽ اُنهيءَ ۾ ڦاسي برباد ٿئي. 9 پر منهنجي جان خداوند ۾ خوش رهندي: ۽ انهي جي نجات ۾ سرهي ٿيندي. 10 منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟ 11 ڪوڙا شاهد کڙا ٿا ٿين؛ ۽ جنهن ڳالهہ جي مون کي خبر ئي ڪانهي تنهن بابت مون کان پڇا ٿا ڪن. 12 اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي. 13 پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون کٿو ڍڪيو: ۽ مون روزا رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو؛ پر منهنجي دعا ڦري منهنجي سيني ۾ موٽي آئي. 14 مون هن سان اهڙي هلت ڪئي جو ڄڻ تہ هو منهنجو دوست يا ڀاءُ هو؛ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ماءُ لاءِ ماتم ڪري، تيئن مون ڪنڌ هيٺ ڪري غم ڪيو. 15 پر جڏهن آءٌ ڪرڻ تي هوس، تڏهن اهي سرها ٿي اچي گڏ ٿيا: اهي ڪميڻا مون تي ميڙ ڪري آيا ۽ مون کي خبر ئي ڪانہ هئي: ۽ اُهي مون کي ڦاڙڻ کان ڪين رهيا. 16 جيڪي بي دين ماڻهو مجلس ۾ ويهي چرچا ڪندا آهن، تن وانگر اُنهن مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا. 17 اي خداوند ڪيستائين تون ڏسندو رهندين؟ منهنجيءَ جان کي انهن جي برباديءَ کان، ۽ منهنجي پياريءَ جان کي شينهن کان بچاءِ. 18 آءٌ وڏيءَ جماعت ۾ تنهنجي شڪر گذاري ادا ڪندس: ۽ گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس. 19 ائين نہ ٿئي تہ جيڪي ناحق منهنجا دشمن آهن سي مون تي خوش ٿين: ۽ جيڪي بي سبب مون سان نفرت ٿا رکن سي مون تي اکيون ڀڃن. 20 ڇو جو اهي صلح جون ڳالهيون نٿا ڪن: پر جيڪي ملڪ ۾ صلح پسند آهن تن تي ٺڳيءَ جون رٿون ٿا رٿين. 21 اهي منهنجي برخلاف وات ڦاڙي چوڻ لڳا تہ آها، آها؛ اسان پنهنجين اکين سان اهو ڏٺو. 22 اي خداوند تو پاڻ اهو ڏٺو آهي؛ خاموش نہ رهہ: اي خداوند مون کان پري نہ رهہ. 23 اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا، اُٿ ۽ منهنجي انصاف لاءِ، بلڪ منهنجي معاملي لاءِ سجاڳ ٿي. 24 اي خداوند منهنجا خدا، پنهنجيءَ راستبازيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر؛ ۽ انهن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي. 25 ائين نہ ٿئي تہ اهي پنهنجي دل ۾ چون تہ واهہ واهہ، اسان اهو ئي ٿي گهريو: ۽ ائين نہ چون تہ اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو. 26 جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن. 27 جيڪي منهنجي سچي معاملي جو پاسو ٿا وٺن، سي خوشيءَ سان پڪارين ۽ سرها ٿين: ۽ سدائين چوندا رهن تہ خداوند جي تمجيد هجي، جو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ ۾ خوش آهي. 28 ۽ منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ تنهنجيءَ تعريف جو بيان ڪندي رهندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society