Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 34 - Sindhi Bible

1 آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو.

2 منهنجي جان خداوند تي فخر ڪندي: نماڻا اهو ٻڌي خوش ٿيندا.

3 مون سان گڏجي خداوند جي وڏائي ڪريو، اچو تہ سندس نالي جي تعظيم ڪريون.

4 مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين.

5 هنن انهي ڏانهن نهاريو ۽ روشنائي حاصل ڪيائون: ۽ سندن منهن ڪڏهن ڦڪا ڪين ٿيندا.

6 غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين.

7 جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا تن جي چوڌاري سندس فرشتو تنبو ٿو هڻي، ۽ اُنهن کي ڇڏائي ٿو.

8 آزمائي ڏسو تہ خداوند ڀلو آهي: مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جو ڀروسو مٿس آهي.

9 اي خداوند جي پاڪ قوم، خداوند کان ڊڄو: ڇو تہ جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي ڪابہ گهرج ڪانهي.

10 شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي.

11 اي ٻارو اچو منهنجي ڳالهہ ٻڌو، آءٌ اوهان کي خداوند جو ڊپ سيکاريندس.

12 اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو حياتيءَ جي خواهش رکي وڏي عمر ٿو چاهي، انهيءَ لاءِ تہ ڀلائي ڏسي؟

13 پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائي کان، ۽ پنهنجي وات کي ٺڳي ڪرڻ کان سنڀال.

14 بڇڙائيءَ کان پاسو ڪر، ۽ ڀلائي ڪر، صلح جو طالب ٿيءُ، ۽ انهي جي پٺيان لڳو رهہ.

15 خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.

16 خداوند جو منهن بدڪارن جي برخلاف آهي، تہ انهن جي يادگيري زمين تان مٽائي ڇڏي.

17 راستبازن پڪاريو ۽ خداوند ٻڌو، ۽ انهن کي سندن سڀني تڪليفن کان ڇڏايائين.

18 جيڪي دل شڪستا آهن تن کي خداوند ويجهو آهي، ۽ جيڪي توبهہ ٿا ڪن تن کي بچائي ٿو.

19 راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.

20 هو انهي جي سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو: تہ متان انهن مان ڪا ڀڄي نہ پوي.

21 بڇڙائي بدڪار کي قتل ڪندي: ۽ جن کي راستباز کان نفرت آهي سي ڏوهي ٺهرايا ويندا.

22 خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan