زبور 33 - Sindhi Bible1 اوهين جي راستباز آهيو سي خداوند ۾ خوشي ڪريو: تعريف ڪرڻ سچارن جي سونهن آهي. 2 بربط سان خداوند جو شڪر ڪريو: ڏهن تارن جي تنبوري تي هن جي تعريف ڳايو. 3 انهيءَ لاءِ نئون گيت ڳايو؛ وڏو آواز ڪڍي اُستاديءَ سان وڄايو. 4 ڇو جو خداوند جو ڪلام صحيح آهي؛ ۽ سندس سڀ ڪم سچائيءَ سان ٿا ٿين. 5 هن کي راستبازي ۽ انصاف پسند آهن: زمين خداوند جي ٻاجهہ سان ڀرپور آهي. 6 خداوند جي ڪلام سان آسمان جڙيا؛ ۽ انهن جي ساري خلقت سندس وات جي وائيءَ سان پيدا ٿي. 7 هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي گڏي ڍڳ ڪري ٿو رکي: ۽ اونهن پاڻين کي انبار خانن ۾ رکي ٿو ڇڏي. 8 سڄي زمين خداوند کان ڊڄندي رهي: ۽ جهان جا سڀ رهاڪو سندس ڊپ ۾ ٿا رهن. 9 جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي. 10 خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو. 11 خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين. 12 جنهن قوم جو خدا خداوند آهي، ۽ جنهن اُمت کي هن پنهنجي ميراث ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، سا مبارڪ آهي. 13 خداوند آسمان مان ڏسي ٿو؛ هو بني آدم تي نظر ٿو رکي. 14 هو پنهنجي رهڻ واري مڪان تان زمين جي سڀني رهاڪن کي ڏسي ٿو. 15 هو جو سڀني جي دلين جو ٺاهڻ وارو آهي، سو انهن جي سڀني ڪمن کي پروڙي ٿو وٺي. 16 اهڙو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي جو پنهنجي گهڻي لشڪر جي ڪري بچي وڃي: ۽ نڪو اهڙو بهادر آهي جو پنهنجي گهڻيءَ طاقت جي ڪري ڇٽي وڃي. 17 گهوڙو بچاءُ جي لاءِ اجائي شيءِ آهي: هو پنهنجي گهڻي زور جي ڪري ڪنهن کي ڪونہ بچائيندو. 18 ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛ 19 اُنهيءَ لاءِ تہ هو سندن جان کي موت کان ڇڏائي، ۽ ڏڪار ۾ کين جيئرو رکي. 20 اسان جي جان کي خداوند جو انتظار آهي: هو اسان جو مددگار ۽ اسان جي ڍال آهي. 21 اسان جي دل هن ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو اسان سندس پاڪ نالي تي ڀروسو رکيو آهي. 22 اي خداوند جيئن اسان جي اُميد تو ۾ آهي، تيئن تنهنجو رحم شل اسان تي هجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society