Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 31 - Sindhi Bible

1 اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي؛ مون کي ڪڏهن شرمندو ٿيڻ نہ ڏي: تون پنهنجيءَ راستبازيءَ خاطر مونکي بچاءِ.

2 پنهنجو ڪن مون ڏانهن ڪري سگهو مون کي ڇڏاءِ: تون مون لاءِ مضبوط ٽڪر ۽ منهنجي پناهہ جو گهر ٿيءُ.

3 ڇو جو تون ئي منهنجو ٽڪر ۽ قلعو آهين: تنهن ڪري پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو سونهون ٿيءُ ۽ منهنجي رهبري ڪر.

4 مون کي اُنهيءَ ڄار مان ڪڍي وٺ جو انهن مون لاءِ ڳجهيءَ طرح پکيڙيو آهي؛ ڇو جو تون ئي منهنجو مضبوط ڪوٽ آهين.

5 اي خداوند سچائيءَ جا خدا، آءٌ پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: توئي مونکي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.

6 جيڪي اجاين ڪوڙين ڳالهين کي ٿا مڃين، تن کان مون کي نفرت آهي: پر منهنجو ڀروسو خدا تي آهي.

7 آءٌ تنهنجي رحم جي ڪري خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس: ڇالاءِ جو تو منهنجي مصيبت تي نظر ڪئي، ۽ تون منهنجيءَ جان جي ڏکن کان واقف آهين:

8 تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.

9 اي خداوند مون تي رحم ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ڏکن ۾ آهيان: منهنجي اک، بلڪ منهنجي جان ۽ جسم سڀ رنج جي ڪري ڳري ويا آهن.

10 ڇالاءِ جو منهنجي حياتي غم ۾، ۽ منهنجي عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي: منهنجي طاقت منهنجي گناهہ جي ڪري گهٽجي ويئي آهي، ۽ منهنجون هڏيون سڙي سڪي ويون آهن.

11 آءٌ پنهنجن سڀني دشمنن جي ڪري پنهنجن پاڙيسرين ۾ خوار ٿيو آهيان، جيڪي منهنجا واقف آهن سي مون کان ڊڄن ٿا: ۽ جيڪي مون کي واٽ تي ٿا ڏسن سي مون کان پاسو ٿا ڪن.

12 مون کي مردي وانگر دل تان لاهي ڇڏيو اٿن: آءٌ ڀڳل ٿانوَ وانگر آهيان.

13 ڇو جو مون گهڻن کان پنهنجي گلا ٻڌي آهي، هر ڪنهن پاسي مون کي ڊپ آهي: جڏهن اُنهن پاڻ ۾ گڏجي منهنجي برخلاف صلاح ڪئي، تڏهن منهنجي ساهہ ڪڍڻ جو منصوبو رٿيائون.

14 پر اي خداوند مون توتي ڀروسو رکيو: ۽ چيم تہ تون ئي منهنجو خدا آهين.

15 منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن تنهنجي هٿ ۾ آهن: مون کي منهنجي دشمنن ۽ ستائيندڙن کان ڇڏاءِ.

16 پنهنجي ٻانهي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ: ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري مون کي بچائي وٺ.

17 اي خداوند ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو مون تو کان دعا گهري آهي: پر اُٽلو بڇڙا ماڻهو شرمندا ٿين، ۽ ماٺ ڪري قبر ۾ پيا هجن.

18 جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.

19 جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي.

20 تون انهن کي پنهنجيءَ حضوريءَ جي تنبوءَ ۾ انسان جي ٻڌين کان ڍڪيندين: تون ئي اُنهن ماڻهن جي جهيڙن کان تنبوءَ ۾ لڪائي رکندين.

21 خداوند مبارڪ هجي، ڇو جو هن هڪڙي مضبوط شهر ۾ مون تي عجيب مهرباني ڪئي آهي.

22 مون تڙ تڪڙ ۾ چيو تہ تو مونکي پنهنجيءَ نظر کان پري ڪيو آهي: پر جڏهن مون توکي پڪاريو تڏهن تو منهنجو عرض ٻڌو.

23 اي خداوند جا بندا اوهين کيس پيار ڪريو: خداوند ايماندارن کي بچائي ٿو، ۽ مغرورن کي پورو پورو بدلو ڏئي ٿو.

24 اوهين سڀ جي خداوند ۾ اُميد ٿا رکو، همت جهليو ۽ پنهنجين دلين کي مضبوط ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan