Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 3 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، منهنجا دشمن ڪيئن نہ وڌي ويا آهن! ۽ جيڪي منهنجي برخلاف اُٿيا آهن، سي گهڻا ئي آهن.

2 گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.

3 پر اي خداوند، تون منهنجي چوڌاري ڍال آهين؛ تون ئي منهنجو جلال ۽ منهنجو سرفراز ڪندڙ آهين.

4 مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.

5 آءٌ ليٽي پيس ۽ سمهي رهيس؛ آءٌ جاڳي اُٿيس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي سنڀالي ٿو.

6 لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.

7 اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.

8 نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan