زبور 29 - Sindhi Bible1 اوهين جي طاقتور آهيو، خداوند جي جلال ۽ تعظيم جي تعريف ڪريو. 2 خداوند جي اهڙي تعريف ڪريو جا سندس نالي جي لائق آهي؛ پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو. 3 خداوند جو آواز پاڻين تي آهي: جلال وارو خدا گجڪار ٿو ڪري، هائو خداوند گهڻن پاڻين تي گجڪار ٿو ڪري. 4 خداوند جو آواز قدرت وارو آهي؛ خداوند جو آواز شاهي شان وارو آهي. 5 خدا جو آواز ديودارن کي ڀڃي ٿو؛ هائو، لبنان جي ديودارن کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري. 6 هو اُنهن کي گابي وانگر ٿو ڪُڏائي؛ ۽ لبنان ۽ سريون کي جهنگلي پاڏي وانگر ٽپا ٿو ڏياري. 7 خداوند جو آواز باهہ جي شعلن کي چيري ٿو. 8 خداوند جو آواز بيابان کي لوڏي ٿو؛ خداوند قاديس جي بيابان کي لوڏي ٿو ڇڏي. 9 خداوند جي آواز ڪري هرڻين جا پيٽ ڪريو پون، ۽ ٻيلن جا وڻ ٻٽا ٿيو پون: ۽ هن جي هيڪل ۾ سڀڪو جلال ئي جلال پيو پڪاري. 10 خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي. 11 خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society