زبور 28 - Sindhi Bible1 اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون. 2 جڏهن آءٌ تنهنجي پاڪ حجري ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پڪاريان، تڏهن تون منهنجي دعا جو آواز ٻڌ. 3 بڇڙا ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجن پاڙيسرين سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿا ڪن، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي: اهڙن سان گڏ مون کي ڇڪي نہ ڪڍ. 4 انهن کي سندن ڪمن ۽ افعالن جي برائيءَ موجب بدلو ڏي: اُنهن کي سندن هٿن جو ڪيتو لوڙاءِ؛ ۽ کين جوڳي سزا ڏي. 5 ڇالاءِ جو اُهي خداوند جي ڪمن ۽ سندس دستڪاريءَ تي غور نہ ٿا ڪن، تنهن ڪري هو اُنهن کي ڊاهيندو ۽ وري کڙو ڪين ڪندن. 6 خداوند مبارڪ هجي، ڇالاءِ جو هن منهنجو عرض ٻڌو آهي. 7 خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس. 8 خداوند انهن جي طاقت آهي، هو پنهنجي مسح ڪيل لاءِ نجات جو قلعو آهي. 9 پنهنجيءَ اُمت کي بچاءِ، پنهنجيءَ ميراث کي برڪت ڏي: انهن جي پرورش ڪر، ۽ کين هميشہ تائين محفوظ رک. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society