زبور 26 - Sindhi Bible1 اي خداوند، منهنجو انصاف ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان: مون خداوند تي پڪو ڀروسو رکيو آهي. 2 اي خداوند، منهنجو امتحان وٺ ۽ مون کي آزماءِ؛ منهنجي دل ۽ دماغ کي پرک. 3 ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ منهنجين اکين اڳيان آهي؛ ۽ آءٌ تنهنجيءَ سچائيءَ تي هليو آهيان. 4 آءٌ بيهودن ماڻهن سان نہ ويٺو آهيان؛ نڪي ڪوڙ ڪندڙن سان گڏ ڪيڏانهن ويندس. 5 مون کي بدڪارن جي جماعت کان نفرت آهي، ۽ بڇڙن سان گڏ ڪين ويهندس. 6 آءٌ بيگناهيءَ ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندس؛ اي خداوند، آءٌ تنهنجيءَ قربانگاهہ کي گهيري رهندس. 7 تہ آءٌ تنهنجا ٿورا ظاهر ڪريان، ۽ تنهنجن عجيب ڪمن جو بيان ڪريان. 8 اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان. 9 منهنجي جان کي گنهگارن سان شامل نہ ڪر، نڪي منهنجي زندگيءَ کي خوني ماڻهن سان گڏ ڪر: 10 جنهن جي هٿن ۾ شرارت آهي، ۽ سندن ساڄو هٿ رشوتن سان ڀرپور آهي. 11 پر آءٌ پنهنجي سچائيءَ ۾ هلندس: مون کي ڇڏاءِ، ۽ مون تي رحم ڪر. 12 منهنجا پير سنئين هنڌ تي بيٺل آهن: آءٌ جماعتن ۾ خداوند کي مبارڪ چوندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society