Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 25 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي توسان لڳايان ٿو.

2 اي منهنجا خدا، آءٌ توتي ڀروسو ٿو رکان، مونکي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ۽ منهنجا دشمن مون تي فتحياب نہ ٿين.

3 هاڻي جيڪي تنهنجي انتظار ۾ آهن، تن مان ڪوبہ شرمندو نہ ٿيندو: پر جيڪي بي سبب دغا ٿا ڪن سي ئي شرمندا ٿيندا.

4 اي خداوند، مونکي پنهنجا رستا ڏيکار؛ ۽ مون کي پنهنجون واٽون سيکار.

5 مون کي پنهنجيءَ سچائيءَ ۾ هلاءِ، ۽ مون کي تعليم ڏي؛ ڇالاءِ جو تون ئي منهنجي ڇوٽڪاري جو خدا آهين؛ آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي انتظار ۾ آهيان.

6 اي خداوند، پنهنجن رحمتن ۽ مهربانين کي ياد ڪر؛ ڇو جو اهي ازل کان آهن.

7 منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.

8 خداوند نيڪ ۽ سچو آهي: تنهن ڪري هو گنهگارن کي سچائيءَ جي واٽ سيکاريندو.

9 هو حليمن کي انصاف سان هلائيندو: ۽ نماڻن کي پنهنجي واٽ ڏيکاريندو.

10 جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن.

11 اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي.

12 اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي.

13 انهي جي جان سکي رهندي؛ ۽ انهي جو اولاد زمين جو وارث ٿيندو.

14 جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.

15 منهنجون اکيون هميشہ خداوند ڏانهن آهن؛ ڇالاءِ جو هو منهنجا پير ڄار مان ڇڏائيندو.

16 تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ اڪيلو ۽ ڏکي آهيان.

17 منهنجيءَ دل جا ڏک وڌي ويا آهن: مون کي منهنجين مصيبتن کان ڇڏاءِ.

18 منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر.

19 منهنجن دشمنن کي ڏس، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا آهن؛ ۽ اُهي مون سان سخت نفرت ٿا رکن.

20 منهنجيءَ جان کي سنڀال، ۽ مون کي ڇڏاءِ: ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي.

21 شل ايمانداري ۽ سچائي منهنجي نگهباني ڪن، ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ئي انتظار ۾ آهيان.

22 اي خدا، اسرائيل کي سندس سڀني ڏکن کان ڇڏاءِ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan