Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 24 - Sindhi Bible

1 زمين ۽ اُن جي ڀرپورائي خداوند جي آهي؛ جهان ۽ اُن جا رهاڪو بہ هن جا ئي آهن.

2 ڇالاءِ جو هن اُنهي جو بنياد سمنڊ تي رکيو آهي، ۽ پاڻي جي مٿان اُنهن کي قائم ڪيو اٿس.

3 ڪير خداوند جي جبل تي چڙهندو؟ ۽ ڪير سندس پاڪ مڪان ۾ بيهندو؟

4 اهو ئي جنهن جا هٿ صاف آهن، ۽ جنهن جي دل پاڪ آهي؛ جنهن پنهنجي دل اجاين ڳالهين ۾ نہ لڳائي آهي، ۽ جنهن ڪوڙو قسم نہ کنيو آهي.

5 اهو ئي خداوند کان برڪت لهندو، ۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کان سچائي حاصل ڪندو.

6 اي يعقوب جا خدا، هيءَ اها پيڙهي آهي، جا تنهنجي طالب آهي، ۽ جنهن کي تنهنجي ديدار جي سڪ آهي.

7 اي دروازا، اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو؛ اي قديم در، اوهين مٿانهان ٿيو: تہ جلال وارو بادشاهہ اندر ايندو.

8 اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ اهو خداوند آهي جو زوراور ۽ قادر آهي، اهو خداوند آهي جو جنگ ۾ زبردست آهي.

9 اي دروازا، اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو؛ اي قديم در، اوهين مٿانهان ٿيو: تہ جلال وارو بادشاهہ اندر ايندو.

10 اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ لشڪرن جو خداوند، اُهوئي جلال وارو بادشاهہ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan