زبور 23 - Sindhi Bible1 خداوند منهنجو ريڍار آهي؛ مون کي ڪابہ گهرج ڪانہ ٿيندي. 2 هو مون کي ساين ويئن ۾ ويهاري ٿو: هو مون کي راحت جي چشمن وٽ وٺي وڃي ٿو. 3 هو منهنجي جان کي بحال ڪري ٿو: ۽ پنهنجي نالي جي خاطر مون کي سچائيءَ جي واٽن تي وٺي ٿو هلي. 4 هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي. 5 تو منهنجي دشمنن جي ڏسندي مون لاءِ دسترخانو وڇايو آهي: تو منهنجي مٿي تي تيل مکيو آهي؛ منهنجو پيالو ٽمٽار آهي. 6 بيشڪ ڀلائي ۽ رحمت منهنجي سڄي حياتي مون سان لڳي رهندي: ۽ آءٌ سدائين خداوند جي گهر ۾ رهندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society