زبور 22 - Sindhi Bible1 اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟ 2 اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين. 3 پر تون پاڪ آهين، تون جو اسرائيل جي تعريف تي تخت نشين آهين. 4 اسان جي ابن ڏاڏن توتي ڀروسو رکيو: اُنهن ايمان آندو، ۽ تو اُنهن کي ڇڏايو. 5 اُنهن توکي دانهن ڏني، ۽ ڇوٽڪارو ملين: اُنهن توتي ڀروسو رکيو، ۽ ڦڪا نہ ٿيا. 6 پر آءٌ ڪينئون آهيان، ۽ ماڻهو نہ آهيان: ماڻهن ۾ ۽ قومن ۾ حقير آهيان. 7 جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا، 8 تہ هن خداوند تي ڀاڙيو آهي؛ ڀلي تہ اُهو ڇڏائيس: اُهو جو منجهانئس خوش آهي ۽ سو ڀلي تہ ڇڏائيس. 9 پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو. 10 آءٌ ڄمندي ئي توکي سونپيو ويس: آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان ئي تون منهنجو خدا آهين. 11 مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي. 12 گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن. 13 اهي ڦاڙيندڙ ۽ گجندڙ شينهن وانگي مون تي پنهنجا وات پيا ڦاڙين. 14 آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي. 15 منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي. 16 ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن. 17 آءٌ پنهنجون سڀ هڏيون ڳڻي ٿو سگهان؛ اُهي مون ڏانهن اکيون ڦاڙي پيا نهارين. 18 اهي منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا ۽ منهنجي پوشاڪ تي پُکا ٿا وجهن. 19 پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي. 20 منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ. 21 مون کي شينهن جي وات کان بچاءِ؛ بلڪ جڏهن آءٌ سانن جي سڱن تي هوس تڏهن تو مونکي بچايو. 22 آءٌ پنهنجن ڀائرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس: ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس. 23 اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا، سندس تعريف ڪريو؛ اي يعقوب جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جو جلال ظاهر ڪريو؛ اي اسرائيل جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جي ڊپ ۾ رهو. 24 ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين. 25 وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس. 26 جيڪي نماڻا آهن سي کائي ڍءُ ڪندا: خداوند جا طالب سندس تعريف ڪندا: اوهان جي دل سدائين جيئري رهي. 27 سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا. 28 ڇو جو بادشاهت خداوند جي آهي: ۽ اهو ئي قومن جو حاڪم آهي. 29 دنيا جا سڀ آسودا ماڻهو کائيندا ۽ سجدو ڪندا: ۽ جيڪي مٽيءَ ۾ وڃڻ وارا هوندا، بلڪ جيڪو پنهنجيءَ جان کي جيئرو نہ رکي سگهندو، سي سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪندا. 30 هڪڙو نسل هن جي عبادت ڪندو؛ ۽ ٻيءَ پيڙهيءَ کي خداوند بابت ٻڌايو ويندو. 31 اُهي ايندا ۽ سندس سچائي ظاهر ڪندا: ۽ جيڪا قوم پيدا ٿيندي تنهن کي چوندا تہ هن ائين ڪيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society