Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 20 - Sindhi Bible

1 شل مصيبت جي ڏينهن خداوند تنهنجي ٻڌي؛ يعقوب جي خدا جو نالو توکي مٿانهين هنڌ قائم ڪري؛

2 شل پاڪ مڪان مان هو توکي مدد موڪلي، ۽ صيون منجهان توکي زور بخشي.

3 شل تنهنجا سڀ نذرانا ياد رکي، ۽ تنهنجون سوختني قربانيون قبول ڪري؛

4 شل تنهنجيءَ دل جون مرادون پوريون ڪري، ۽ تنهنجا سڀ مطلب پورا ڪري.

5 اسين تنهنجي نجات ۾ خوشيون ڪنداسين ۽ پنهنجي خدا جي نالي تي جهنڊا کوڙينداسين: شل خداوند تنهنجا مڙيئي عرض اگهائي.

6 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند پنهنجي مسح ڪيل کي بچائي ٿو: هو پنهنجي ساڄي هٿ جي بچائڻ واري طاقت سان، پنهنجي پاڪ آسمان مان هن جي ٻڌندو.

7 ڪي جنگي گاڏين تي ڪي گهوڙن تي ڀروسو ٿا رکن: پر اسين خداوند پنهنجي خدا جو نالو ياد ڪنداسين.

8 اهي جهڪايا ويا آهن ۽ ڪري پيا آهن: پر اسين اُٿيا آهيون ۽ سنوان ٿي بيٺا آهيون.

9 اي خداوند، بچاءِ: جڏهن اسين پڪاريون تڏهن بادشاهہ اسان جي ٻڌي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan