زبور 2 - Sindhi Bible1 قومون ڇو ٿيون ڪاوڙجن، ۽ ماڻهو اجايا خيال ڇو ٿا ڪن؟ 2 خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ، 3 اچو تہ اسين هنن جا بند ڀڃي ڇڏيون، ۽ هنن جا رسا پاڻ تان اُڇلائي ڇڏيون. 4 جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو. 5 تڏهن هو ڪاوڙجي ساڻن ڳالهائيندو، ۽ ڏاڍو ناراض ٿي کين پريشان ڪندو. 6 ۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي. 7 سو آءٌ اهو حڪم ٻڌائيندس: جو خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجو پٽ آهين؛ مون اڄوڪي ڏينهن توکي پيدا ڪيو. 8 مون کان گهر ۽ آءٌ قومون تنهنجي ورثي لاءِ، ۽ زمين جون سرحدون تنهنجيءَ ملڪيت لاءِ ڏيندس. 9 تون انهن کي لوهہ جي لٺ سان ڀڃندين؛ ۽ کين ڪنڀر جي ٿانوَ وانگر ٽڪر ٽڪر ڪندين. 10 تنهن ڪري اي بادشاهو، هاڻي اوهين ڏاها ٿيو: ۽ اي ملڪ جا قاضي، اوهين هدايت وٺو. 11 ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو، ڏڪندي ڏڪندي خوشي ملهايو. 12 پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society