Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 19 - Sindhi Bible

1 آسمان خدا جو جلال ظاهر ٿا ڪن؛ ۽ فضا سندس هٿ جا ڪم پڌرا ٿي ڪري.

2 ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري، ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري.

3 نہ ڪا ٻولي آهي نہ ڪو ڪلام؛ نڪي انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

4 اُنهن جو سر ساري زمين ۾ هلي ويو آهي، اُنهن جو ڪلام دنيا جي ڇيڙي تائين وڃي پهتو آهي. اُنهن ۾ هن سج جي لاءِ تنبو هنيو آهي.

5 اُهو گهوٽ وانگر پنهنجي ڪمري کان نڪري ٿو، ۽ پهلوان وانگي پنهنجي پنهنجي ڊوڙ ۾ خوش ٿو ٿئي.

6 هو آسمان جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪري ٿو ۽ هن جو گشت ٻئي ڇيڙي تائين ٿو ٿئي: هن جي گرميءَ کان ڪابہ شيءِ لڪل ڪانهي.

7 خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.

8 خداوند جا قاعدا صحيح آهن، جي دل کي خوش ٿا ڪن: خداوند جو حڪم پاڪ آهي، جو اکين کي روشن ٿو ڪري.

9 خداوند جو خوف پاڪ آهي، جو هميشہ قائم ٿو رهي: خداوند جا فيصلا سچا، ۽ بلڪل راست آهن.

10 اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.

11 ۽ انهيءَ ڪري تنهنجي ٻانهي کي اطلاع ٿو ملي: انهن جي مڃڻ ۾ وڏو اجر آهي.

12 ڪنهن کي پنهنجي ڀل جي ڪل ٿي پوي؟ تون مون کي ڳجهن ڏوهن کان پاڪ ڪر.

13 پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان بہ روڪ؛ اُهي مون تي غالب نہ پون: تڏهن آءٌ ڪامل ٿيندس، ۽ وڏي گناهہ کان ڇٽي ويندس.

14 منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan