Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 18 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.

2 خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.

3 آءٌ خداوند کي جو تعريف جي لائق آهي پڪاريندس: ۽ ائين آءٌ پنهنجن دشمنن کان بچي ويندس.

4 موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.

5 منهنجي چوڌاري قبر جون رسيون هيون: ۽ موت جا ڦندا اچي مون تي پيا.

6 مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.

7 تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.

8 هن جي ناسن مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان باهہ نڪري ڀسم ڪرڻ لڳي: جنهن جي ڪري ڪوئلا ٻري پيا.

9 هو آسمان کي بہ جهڪائي هيٺ لهي آيو، هن جي پيرن هيٺ ڀڀ اوندهہ هئي.

10 هو ڪروبيءَ تي سوار تي اُڏاڻو: هائو هو هوا جي پرن تي تکو اُڏاڻو.

11 هن اوندهہ کي، يعني برسات جي اوندهہ کي، ۽ آسمان جي گهاٽن ڪڪرن کي، پنهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ پنهنجي چوڌاري شاميانو ڪيو.

12 هن جي اڳيان جو تجلو هو تنهن جي ڪري گهاٽا ڪڪر ڦاٽي پيا، ۽ ڳڙا، ۽ ٽانڊا وسڻ لڳا.

13 خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا.

14 هن پنهنجا تير هڻي اُنهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، بلڪ وِڄون وسائي اُنهن کي بند ڪيائين.

15 تڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ زمين جا بنياد ظاهر ٿيا: خداوند جي ڇينڀ تي، ۽ هن جي ناسن مان نڪتل واچوڙي جي ڪري.

16 هن مٿان وٺي مون کي جهليو ۽ وڏي پاڻيءَ منجهان ڇڪي ڪڍيائين.

17 هن مون کي منهنجي زبردست دشمن ۽ جن کي مون کان نفرت هئي تن کان ڇڏايو.

18 ڇو جو اُهي مون کان وڌيڪ طاقت وارا هئا.

19 منهنجي مصيبت جي ڏينهن اهي مون تي ڪاهي آيا: پر خداوند منهنجو آسرو هو.

20 هن مون کي ڪڍي هڪڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ آندو؛ هن مون کي ڇڏايو، ڇالاءِ جو هو مون مان خوش هو. خداوند مون کي منهنجي راستبازيءَ موجب انعام ڏنو؛ ۽ منهنجي هٿن جي صفائيءَ موجب مونکي عيوضو ڏنائين.

21 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي واٽ تي هليو آهيان، ۽ بڇڙو ٿي پنهنجي خدا کان ڦريو نہ آهيان.

22 ڇو جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي سامهون هئا، ۽ سندس قانون مون رد نہ ڪيا.

23 آءٌ هن سان ڪامل ٿي رهيس، ۽ پاڻ کي بڇڙائيءَ کان بچائي رکيم.

24 تنهن ڪري خداوند منهنجي راستبازي، ۽ منهنجي هٿن جي صفائي ڏسي، اُنهيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو.

25 رحم ڪندڙ سان تون رحيم آهين: ۽ ڪامل انسان سان تون ڪامل آهين.

26 پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين.

27 ڇالاءِ جو تون ڏکويل ماڻهن کي بچائيندين؛ پر مغرورن جون اکيون هيٺ ڪندين.

28 ڇالاءِ جو تون منهنجو ڏيئو روشن ڪندين: خداوند منهنجو خدا منهنجي اوندهہ کي سوجهرو ڪندو.

29 ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ لشڪر جي مٿان ڊوڙي ٿو اچان؛ ۽ پنهنجي خدا جي وسيلي آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.

30 خدا جو رستو تہ ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن سڀني جي لاءِ هو ڍال آهي.

31 ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ٻيو ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير ٽڪر آهي.

32 اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري.

33 هو منهنجا پير هرڻ جهڙا ٿو ڪري؛ ۽ مون کي مٿانهين جاين تي ٿو بيهاري.

34 هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ ايتري قدر جو پتل جي ڪمان کي منهنجون ٻانهون موڙيو ڇڏين.

35 تو مون کي پنهنجي نجات جي ڍال ڏني آهي: ۽ تنهنجي ساڄي هٿ منهنجي سنڀال ڪئي آهي، ۽ تنهنجيءَ مروت مون کي عظمت ڏني آهي.

36 تو منهنجي هيٺان منهنجي قدمن جي واٽ ڪشادي ڪئي آهي، جنهن ڪري منهنجا پير ڪين ترڪيا آهن.

37 آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پوندس، ۽ وڃي کين پهچندس: ۽ جيستائين اُنهن کي نابود نہ ڪندس تيستائين ڪين موٽندس.

38 آءٌ انهن کي اهڙو ماريندس جو هو اُٿي ڪين سگهندا: اُهي منهنجي پيرن هيٺ ڪري پوندا.

39 ڇالاءِ جو تو منهنجيءَ چيلهہ کي جنگ جي لاءِ طاقت سان ٻڌو آهي: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا تن کي منهنجي تابع ڪيو اٿيئي.

40 تو منهنجي دشمنن جي پٺ مون ڏانهن ورائي آهي، تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي آءٌ تباهہ ڪري ڇڏيان.

41 اُنهن دانهون ڪيون پر بچائيندڙ ڪونہ هون؛ اُنهن خداوند کي بہ پڪاريو، پر هن جواب ڪونہ ڏنن.

42 پوءِ مون اُنهن کي ماري هوا ۾ اُڏامندڙ مٽيءَ جهڙو ڪري ڇڏيو: ۽ گهٽيءَ جي گپ وانگر کين اُڇلائي ڦٽو ڪيم.

43 تو مون کي ماڻهن جي جهيڙن کان ڇڏايو آهي؛ تو مون کي قومن جو سردار ڪيو آهي. جنهن قوم کان آءٌ ناواقف هوس سا منهنجي خدمت ڪندي.

44 منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.

45 پرديسي هيڻا ٿي ويندا، ۽ ڏڪندا ڏڪندا پنهنجن قلعن مان نڪرندا.

46 خداوند جيئرو آهي؛ شل منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي؛ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ خدا سرفراز ٿئي.

47 يعني اُهو خدا جو منهنجو وير ٿو وٺي، ۽ قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.

48 هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين.

49 تنهنڪري اي خداوند، آءٌ قومن ۾ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس.

50 هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي؛ ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي، يعني دائود ۽ سندس اولاد تي هميشہ لاءِ مهرباني ٿو ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan