زبور 16 - Sindhi Bible1 اي خدا، مون کي سنڀال ڇو جو آءٌ توتي ئي ڀروسو ٿو رکان. 2 مون خداوند کي چيو آهي، تہ تون منهنجو خدا آهين: توکانسواءِ منهنجي ڪا ڀلائي ڪانهي. 3 ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي. 4 جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس. 5 خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين. 6 منهنجي ميراث دلپسند جاءِ ۾ اچي پيئي آهي؛ هائو، منهنجي ميراث عمدي آهي. 7 آءٌ چوندس تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن مون کي صلاح ڏني آهي: منهنجي دل بہ رات جي وقت مون کي نصيحت ٿي ڪري. 8 مون خداوند کي هميشہ پنهنجي سامهون رکيو آهي: هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. 9 انهي ڪري منهنجي دل سرهي آهي، ۽ منهنجو روح بہ خوش ٿو رهي: منهنجو جسم بہ صحيح سلامت رهندو. 10 ڇالاءِ جو تون منهنجيءَ جان کي قبر ۾ ڪين ڇڏيندين؛ نڪي تون پنهنجي پاڪ شخص کي سڙڻ ڏيندين. 11 تون مون کي زندگيءَ جي واٽ ڏيکاريندين، تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي ڀرپوري آهي: تنهنجي ساڄي هٿ ۾ مدامي سرهائي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society