Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 149 - Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو، ۽ مقدسن جي جماعت ۾ سندس تعريف ڳايو.

2 ڀلي تہ اسرائيل پنهنجي خالق ۾ خوش رهي: ۽ بني صيون پنهنجي بادشاهہ ۾ سرها ٿين.

3 ڀلي تہ اهي نچندي هن جي نالي جي تعريف ڪن: ۽ هن جي حضور ۾ دف ۽ بربط وڄائي تعريف ڳائين.

4 ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.

5 ڀلي تہ مقدس جلال جي ڪري خوش ٿين: ۽ هو پنهنجن هنڌن تي خوشيءَ جا گيت ڳائين.

6 ڀلي تہ انهن جي وات ۾ خداوند جي وڏي تعريف هجي، ۽ سندن هٿن ۾ ٻہ ڌاري ترار هجي؛

7 تہ قومن کان وير وٺن، ۽ ماڻهن کي سزا ڏين.

8 انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌن، ۽ سندن اميرن کي زنجير وجهن.

9 انهن تي لکيل فيصلي جي تعميل ڪن: اها عزت هن جي سڀني مقدسن لاءِ آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan