Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 147 - Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو؛ ڇو جو اسان جي خدا جي لاءِ تعريف ڳائڻ چڱو ۽ دلپسند ڪم آهي؛ تعريف ڪرڻ چڱي ڳالهہ آهي.

2 خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.

3 هو دل شڪستن کي شفا ٿو ڏئي، ۽ سندن زخمن کي پٽيون ٿو ٻڌي.

4 هو تارن جو شمار ٿو ڪري، ۽ انهن سڀني تي نالا ٿو رکي.

5 اسان جو خداوند عظيم آهي، ۽ وڏي قدرت وارو آهي؛ هن جي سمجهہ بيحد آهي.

6 خداوند نماڻن کي سنڀالي ٿو: ۽ بڇڙن کي پٽ سان ٿو هڻي.

7 خداوند جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ سان ڳايو؛ اسان جي خدا جي حضور ۾ بربط وڄائي تعريف ڳايو:

8 جو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، جو زمين لاءِ مينهن تيار ٿو ڪري، ۽ جبلن تي گاهہ ٿو اُڀرائي.

9 هو جانورن کي، ۽ ڪانگن جي ٻچن کي جي پڪارين ٿا، کاڌو ٿو ڏئي.

10 هو گهوڙن جي طاقت مان خوش نٿو ٿئي: نڪي ماڻهن جي ڄنگهن کان راضي ٿو ٿئي.

11 خداوند انهن کان راضي ٿو ٿئي جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، ۽ سندس رحم تي اُميد ٿا رکن.

12 اي يروشلم خداوند جي تعريف ڪر؛ اي صيون پنهنجي خدا جي تعريف ڪر.

13 ڇو جو هن تنهنجي دروازن جون تاڙيون مضبوط ڪيون آهن، ۽ تو منجهہ تنهنجي اولاد کي برڪت ڏني اٿس.

14 هو تنهنجين سرحدن ۾ سلامتي ٿو آڻي؛ ۽ توکي تمام عمدي ڪڻڪ سان ڀرپور ٿو ڪري.

15 هو پنهنجو حڪم زمين تي موڪلي ٿو، انجو ڪلام گهڻو تيز رفتار آهي.

16 هو پشم وانگي برف ٿو ڏئي؛ ۽ رک وانگيان پارو ٿو پکيڙي.

17 هو لقمن وانگي برف ٿو وسائي: ڪير هن جي سرديءَ کي سهي سگهندو؟

18 هو پنهنجو ڪلام ٿو موڪلي، ۽ اهي ڳري ٿا وڃن؛ هو واءُ ٿو لڳائي ۽ پاڻي وهن ٿا.

19 هو يعقوب کي پنهنجو ڪلام ۽ اسرائيل کي پنهنجا قانون ۽ فيصلا ٿو ڏيکاري.

20 هن ڪنهن بہ قوم سان اهڙو سلوڪ نہ ڪيو آهي: هن جي فيصلن جي انهن کي خبر ڪانهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan